Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

نعت جو انعقاد، مزارن سان مليل مسجدن ۾ عاشقانِ رسول جا مدني قافلا سفر ڪرائڻ ۽ بالخصوص عُرس شريف جي موقعي تي مزار جي چؤديواري ۾ سنّتن ڀريا مدني حلقه لڳائڻ جن ۾ وُضُو، غسل، تيمُّم، نماز ۽ ايصالِ ثواب جو طريقو، مزارن تي حاضري جا آداب ۽ سرڪارِمدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون سُنّتون سيکاريون وينديون آهن ۽ گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنّتن ڀري اجتماعن ۾ شرڪت، مدني قافلن ۾ سفر ۽ مدني انعامات تي عمل ڪرڻ جي ترغيب ڏياري ويندي آهي. عُرس جي ڏينهن ۾ صاحبِ مزار جي خدمت ۾ گھڻي کان گھڻا ايصالِ ثواب جا تحفا پيش ڪرڻ سان گڏ صاحبِ مزار بُزُرگ جي سجَّاده نشين، خليفن ۽ مزارن جي متوَلّي صاحبان سان وقت بوقت ملاقات ڪري اُنهن کي دعوتِ اسلامي جي خدمتن، جامعة المدينه ۽ مدارسُ المدينه ۽ مُلڪ ۽ بيرونِ مُلڪن ۾ ٿيڻ وارن مدني ڪمن کان واقف ڪرائڻ وغيره. الله عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي کي ترقي ۽ عُروج عطا فرمائي. اٰمِــيْن بِـجَـاهِ الـنَّـبِـیِّ الْاَمِــيْن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اِسلامی تیری دُھوم مَچی ہو

12 مدني ڪمن ۾ حصو وٺو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان به سُنّتن جي خدمت جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن ۾ اڳتي وڌي حصو وٺو. ذيلي حلقي جا ٻارنهن مدني ڪم مسلمانن کي سُنّت جي راھ تي هلائڻ جي لاءِ وڏا مددگار آهن. هن 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدرسةُ المدينه بالِغان“ ۾ پڙهڻ