Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کان پوءِ حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام سڀني کان افضل آهن. | حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام پاڻ کان پوءِ ايندڙ سڀني نبين جا والد آهن. (بہارِ شريعت، ۱/۵۲) |هر آسماني دين ۾ سندن جي ئي پيروي ۽ اطاعت آهي. |هر دين واراتوهان جي تعظيم ڪندا آهن. | سندن جي ئي ياد قرباني آهي.| حج جا ارڪان به سندن جي ئي ياد آهن. |پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام ئي ڪعبي شريف جا پهريان تعمير ڪرڻ وارا يعني ان کي گهر جي صورت ۾ ٺاهڻ وارا آهن. | جنهن پٿر (مقام ابراهيم) تي بيهي پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام ڪعبو شريف ٺاهيو اتي قيام ۽ سجدا ٿيڻ لڳا. | فوت ٿي ويل مسلمان ٻارن جي پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام ۽ سندن بيبي صاحبه حضرت ساره رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا عالَمِ برزخ ۾ پرورش ڪن ٿيون. |قيامت ۾ سڀ کان پهريان سندن کي ئي عمده لباس عطا ڪيو ويندو ان کان فوراً بعد اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي.

(تفسير نعيمي ج۱ص۶۲۱ مُلَخّصًا)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

سڀني کان افضل اسان جو نبي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل آخري فضيلت ته قيامت واري ڏينهن سڀ کان پهريان پاڻ عَلَيْـهِ الصَّلٰوة ُ وَالسَّلَام کي بهترين لباس ملندو بعد ۾ اسان جي نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي، ان کي ٻڌي ڪري ڪنهن جي ذهن ۾ اهو خيال اچي سگھي ٿو ته حضرت سَيِّدُنا اِبراهيم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام حُضور سيِّد عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان افضل آهن. قيامت جي ڏينهن سڀ کان پهرين حضرت سَيِّدُنا اِبراهيم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي حُلّو (بهشتي لباس) عطا ٿيڻ پنهنجي جڳھ،