Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

﴿1 هڪ هزار ڏينهن جون نيڪيون

جَزَی اللّٰہُ عَنَّا مُحَمَّدًا مَا ھُوَ اَھْلُہٗ

حضرتِ سيدُنا ابنِ عباس رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا کان رِوايت آهي ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: انهي درود شريف کي پڙهڻ واري جي لاءَ ستر فرشتا هڪ هزار ڏينهن تائين نيڪيون لکندا آهن. ([1])

﴿2﴾ هر رات عبادت ۾ گذارڻ جو آسان نسخو

غرائب القرآن صفحه 187 تي هڪ روايت نقل ڪئي وئي آهي ته جيڪو شخص رات ۾ ٽي ڀيرا هي دعا پڙهندو ته ان ڄڻ شبِ قدر کي حاصل ڪري ورتو لهٰذا هر رات هي دعا پڙهڻ گهرجي. دعا هي آهي:

لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا اللّٰہُ الْحَلِیْمُ الْکَرِیْمُ، سُبْحٰنَ اللّٰہِ رَبِّ السَّمٰوٰتِ السَّبْعِ وَرَبِّ الْعَرْشِ الْعَظِیْم

“يعني خداءِ حليم ۽ ڪريم کان سواءِ ڪوئي عبادت جي لائق ناهي، الله پاڪ آهي جيڪو ستن آسمانن ۽ عرشِ عظيم جو پروردگار آهي.” (فيضانِ سنّت ج اوّل، ص 1163، 1164)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد



[1] مجمع الزوائد،ڪتاب الادعیۃ،باب فی ڪیفیۃ الصلاۃ…الخ،10/254،حدیث:17305