Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

گذاري، حڪمِ خداوندي ۾ پنهنجو تَن، مَن ۽ ڌَن قربان ڪرڻ جو عملي مظاهرو ڪيو. ايستائين جو چنڊ جهڙو پُٽ به راھِ خدا ۾ قربان ڪرڻ کان نه ڪيٻايو. الله عَزَّوَجَلَّ کي سندن عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام جي هي ادا ايتري پسند آئي جو تمام اُمّتِ مسلمه کي حڪم فرمائي ڇڏيو ته توهان به منهنجي خليل (عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام) جي ان ادا تي عمل ڪندي جانور ذَبۡح ڪندا ڪريو. جيئن ته هر بالغ، مقيم، مسلمان مرد ۽ عورت، مالڪِ نصاب تي قرباني واجب آهي. (عالمگيري ج٥ص٢٩٢، ملتقطاً) مالڪِ نصاب هئڻ مان هي مراد آهي ته ان شخص وٽ ساڍا ٻاونجاھ (52.5) تولا چاندي يا ان جيتري ماليت جي رقم يا ان جيتري ماليت جو تجارت جو مال يا ان جيتري ماليت جو (حاجاتِ اَصۡليّه کان علاوه) سامان هجي ۽ ان تي الله عَزَّوَجَلَّ يا ٻانهن جو ايترو قرض نه هجي جنهن کي ادا ڪرڻ کان بعد بيان ڪيل نصاب باقي نه رهي. (عالمگيري، ۱/۱۸۷، ملخصاً) فُقهاءِ ڪرام رَحِمَهُمُ اللـهُ السَّلَام فرمائن ٿا: حاجتِ اَصۡلِيّه (يعني ضرورياتِ زندگي) مان مراد اهي شيون آهن جن جي عام طور تي انسان کي ضرورت هوندي آهي ۽ ان جي بغير وقت گذرڻ ۾ شديد تنگي ۽ ڏکيائي محسوس ٿيندي آهي جيئن رهڻ جي لاءِ گھر، پائڻ جي لاءِ ڪپڙا، سُواري، علمِ دين جي متعلق ڪتاب ۽ پيشي جي متعلق اوزار وغيره. (عالمگيري، ۱/۱۷۲، ملخصاً)

ڪيترين ئي احاديثِ مبارڪه ۾ قرباني جا فضائل وارد ٿيا آهن. اچو ته انهن مان ٻه (2) فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا.

حضرتِ سَيّدُنا زيد بن اَرۡقم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: صحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو، يَا رَسولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هي قربانيون ڇا آهن؟ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: توهان جي پيءُ اِبراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام جي