Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

هزارين مدرسا مدرسة المدينه (براءِ بالغات) جي نالي سان لڳايا ويندا آهن، جن ۾ اسلامي ڀينرون قرآنِ پاڪ، نمازن ۽ سُنّتن جي مفت تعليم حاصل ڪنديون ۽ دعائون ياد ڪنديون آهن. اَلۡحَمۡدُلِلهِ عَزَّوَجَلَّ مدرسة المدينه (بالغان) جي بَرَڪت سان ڪيترن ئي اسلامي ڀائرن جي اصلاح به ٿيندي آهي. اچو ته انهيءَ حوالي سان هڪ ايمان افروز مدني بهار ٻڌون ٿا.

منهنجي زندگي ۾ بهار اچي وئي:

زم زم نگر، حيدرآباد (باب الاسلام، سنڌ) جي علائقي آفندي ٽاؤن جي هڪ مُقيم اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: آئون هڪ فيشن پرست نوجوان هئس، دنيا جي موج مستي ۾ گُم، پنهنجي آخرت جي انجام کان غافل حياتي جا ڏينهن گذاري رهيو هئس ته منهنجي سُتل قسمت جاڳي پئي، مون کي مدرسة المدينه (بالغان) جون روحاني فضائون ته ڇا مُيسَر آيون منهنجي ته خوش بختي جي سفر جو آغاز ٿي ويو. مدرسة المدينه (بالغان) جي برڪتن منهنجي دل کي خوفِ خدا ۽ عشقِ مصطفيٰ جي ڏيئي سان روشن ڪري ڇڏيو. ان ۾ مون کي قرآن جي تعليم سان گڏوگڏ سُنّتن تي عمل جو جذبو به مليو ۽ هفتيوار سُنّتن ڀرئي اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت به نصيب ٿي. اَلۡحَمۡدُلِلهِ عَزَّوَجَلَّ مدرسة المدينه (بالغان) ۾ پڙهڻ جي برڪت سان منهنجي زندگي ۾ بهار اچي وئي، فيشن پرستي ۽ موج مستي کان نجات حاصل ٿي ۽ آئون دعوتِ اسلامي جي مهڪندڙ مهڪندڙ مدني ماحول سان وابسته ٿي ويس. اَلۡحَمۡدُلِلهِ عَزَّوَجَلَّ هي تحرير لکڻ وقت مدني قافله ذميدار جي حيثيت سان مدني ڪمن جون ڌومون مچائي رهيو آهيان.

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد