Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

ان جنّتي دُنۡبي کي ذبح فرمائي ڇڏيو. (پُٽ هجي ته اهڙو)

پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جو نالو ”ابراهيم“ آهي. ابراهيم سُرياني زبان جو لفظ آهي. ان جي معنٰي آهي اَبٌ رَحِیْمٌ (يعني مهربان پيءُ) ڇو جو پاڻ ٻارن تي وڏا مهربان هئا. گڏوگڏ مهمان نوازي ۽ رَحۡم و ڪرم ۾ پاڻ مشهور آهن. تنهن جي ڪري سندن کي ”ابراهيم“ چيو ويندو آهي. ڪجھ ماڻهن چيو آهي ته ابراهيم اصل ۾ ابرم هو. جنهن جي معنٰي آهي بزرگ. ڇو جو پاڻ ڪيترن ئي انبياءِ ڪرام (عَـلَيْـهِمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام) جا والد آهن، تنهنڪري سندن جو نامِ نامي ابراهيم آهي. (تفسيرِ نعيمي ۱/۶۱۸، ملتقطاً) پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي ڪُنۡيت ابُو الضَّیْفان (وڏو مهمان نواز) آهي. ڇو جو سندن جو گھر رستي جي ڪناري تي هو جيڪو به اُتان کان گذرندو هو توهان انهن جي مهمان نوازي ڪندا هئا. (تفسيرِ خازن،تحت قولہ و من احسن ديناممن اسلم،۱/۴۳۴) پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي ولادت ”اهواز“ جي سرزمين جي ”سوس“ مقام تي ٿي. پوءِ سندن جا والد کين ”بابِل“ نمرود جي ملڪ وٺي آيا. الله عَزَّوَجَلَّ پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي حڪمت ۽ دانائي سان سرفراز فرمايو ۽ پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي زمين ۽ آسمان جي سڀ شين جو مشاهدو به ڪرايو. جيئن ته ارشادِ رَبّاني آهي ته: ﴿وَ کَذٰلِکَ نُرِیۡۤ اِبۡرٰہِیۡمَ مَلَکُوۡتَ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ وَ لِیَکُوۡنَ مِنَ الۡمُوۡقِنِیۡنَ ترجمو ڪنزالايمان: ۽ اهڙي طرح اسين ابراهيم کي ڏيکاريون ٿا سموري بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي ۽ هن ڪري ته اهو عين اليقين وارن مان ٿي وڃي. (سيپارو 7، الانعام:75)

10خاص فضائل

پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي ڏھ (10) اهڙا فضائل حاصل آهن جيڪي پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي لاءِ خاص آهن. اهي خوبيون هي آهن: | رسولِ