Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

پر افضل اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ئي آهن. الله عَزَّوَجَلَّ سيپاري 3 سُوْرَۃُ الْبَقَرہ جي آيت نمبر 253 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

تِلۡکَ الرُّسُلُ فَضَّلۡنَا بَعۡضَہُمۡ عَلٰی بَعۡضٍ ۘ مِنۡہُمۡ مَّنۡ کَلَّمَ اللہُ وَ رَفَعَ بَعۡضَہُمۡ دَرَجٰتٍ ؕ

(سيپارو: 3 سُورَةُ البَقرہ آيت نمبر 253)

 

ترجمو ڪنزالايمان: هي رسول آهن اسان انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني انهن مان ڪنهن سان الله ڪلام فرمايو ۽ ڪو اهو آهي جنهن کي سڀني تي درجا بلند ڪيائين.

صَدۡرالاَفاضِل حضرت علامه مولانا سيِّد محمد نعيمُ الدّين مراد آبادي عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ الهادي الله عَزَّوَجَلَّ جي ان فرمان ته ”ڪو اهو آهي جنهن کي سڀني تي درجا بلند ڪيائين“ جي متعلق فرمائن ٿا: ان مان مراد حضور پُرنور سَيِّد انبياء محمد مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهن توهان کي ڪيترن ئي درجن جي سبب سڀني انبياء عَـلَـيْهِمُ السَّلَام تي افضل ڪيو. ان تي پوري اُمّت جو اِجۡماع آهي ۽ اڪثر احاديث کان ثابت آهي. حُضُور عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جا اهي خَصائِص ۽ ڪمالات جن ۾ پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام سڀني انبياء تي فوقيت رکندڙ ۽ افضل آهن ۽ پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جو ڪو شريڪ (يعني هڪجهڙي مرتبي جو) ناهي، بيشمار آهن جو قرآن ڪريم ۾ هي ارشاد ٿيو ته ” درجا بلند ڪيائين “ ان درجن جو ڪو شمار قرآن ڪريم ۾ ذڪر ناهي فرمايو ته هاڻي ڪير حد لڳائي سگھي ٿو.

(خزائن العرفان، پارہ:۳، بقرہ: تحت الآيہ:۲۵۳، ملتقطاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!معلوم ٿيو ته اسان جي پياري آقا ۽ مولٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀني انبياء عَـلَيْـهِمُ الـسَّلَام کان افضل آهن، ايستائين جو جنابِ ابراهيم عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي به جيڪي خصوصيتون ۽ ڪمالات ۽ بلند مرتبا حاصل ٿيا اهي به اسان جي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو صَدۡقو آهي. ڇو جو پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي سان ئي دُنْیَا وَمَافِیْہَا (دنيا ۽ جيڪو ڪجھ