Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

(1) زمین و زَماں تمہارے لیے، مَکین و مَکاں تمہارے

چُنِیْن و چُناں تمہارے لیے، بنے دو جہاں تمہارے لیے

(2) فِرِشتے خِدَم، رسولِ حِشَم، تمامِ اُمَم، غلامِ کَرَم

وُجُود و عَدَم، حُدُوث و قِدَم، جَہاں میں عِیاں تمہارے لیے

(حدائقِ بخشش، ص۳۴۸)

اشعار جي وضاحت

(1) يارسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي پوري زمين اوهان جي لاءِ بڻائي وئي، جيترا به زمانا آيا، توهان جي خاطر، هر شيءِ اوهان جي خاطر بلڪه ٻئي جهان ئي توهان جي لاءِ آهن.

(2) يارسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! فِرشتا اوهان جا خدمت گذار آهن، انبياء ۽ رسول عَـلَيْـهِمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام توهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا خيرخواه آهن، سڀئي امتي توهان جي ڪرم جا سُوالي آهن، وجود هجي يا عدم (يعني ٿيڻ يا نه ٿيڻ) عالمِ حُدوث هجي يا قدم (يعني زندگي يا موت) نئون هجي يا پراڻو، رات هجي يا ڏينهن انهن سڀني جو ظاهر ٿيڻ توهان جي بابرڪت ذات جي طفيل آهن.

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

قوم کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرت ابراهيم خليلُ الله عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي الله عَزَّوَجَلَّ اسان جي پياري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکان بعد تمام انبياء ۾ سڀ کان وڏو رتبو عطا فرمايو آهي. الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي مُقرَّب ۽