Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

حضرت سَيِّدُنا عبدُالله بن عباسرَضِیَ الله تَعَالٰی عَنْہُمَا کان روايت آهي: الله عَزَّوَجَلَّ حضرتِ سَيِّدُنا عيسٰي رُوحُ الله عَلٰی نَبِیِّنَاوَعَلَیْہِ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام ڏانهن وحي موڪلي: ”اي عيسيٰ! محمد (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) تي ايمان آڻيو! ۽ توهان جي اُمّت مان جنهن کي انهن جو زمانو ملي، انهن کي به حڪم ڪجو ته انهن تي ايمان آڻين فَلَوْلَامُحَمَّدٌ مَاخَلَقْتُ اٰدَمَ وَلَاالْجَنَّۃَ وَلَاالنَّارَ، يعني ڇو جو جيڪڏهن مُحَمّد عربي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذاتِ گرامي نه هجي ها ته آئون نه آدم کي پيدا ڪريان ها ۽ نه ئي جنّت ۽ دوزخ بڻايان ها.“ جڏهن مون عرش کي پاڻي تي بڻايو ته اهو ان وقت جنبش (حرڪت) ڪري رهيو هو مون ان تي ’’لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا اللہُ مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللہِ‘‘ لکي ڇڏيو، بس اهو رُڪجي ويو. (الخصائص الڪبريٰ، باب خصوصيتہ بڪتابة اسمہ الشريف …الخ ، ۱/۱۴) بس! ان ڪائنات جون سڀ رونقون حُضُور عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي سبب ئي آهن.

حديثِ قُدسي آهي، الله عَزَّوَجَلَّ ارشاد فرمائي ٿو: لَقَدْخَلَقْتُ الْدُنْیَا وَاَھْلَھَا لِاُعَرِّفَھُمْ کَرَامَتَکَ وَمَنْزِ لَتَکَ عِنْدِیْ وَلَوْ لاَکَ یَا مُحَمَّدُ! مَا خَلَقْتُ الدُّنْیَا۔يعني اي منهنجا حبيب (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) مون دنيا ۽ اهلِ دنيا کي ان لاءِ پيدا ڪيو ته جيڪا عزت ۽ منزلت تنهنجي مون وٽ آهي، آئون انهن کي ان جي سُڃاڻ ڪرائي ڇڏيان ۽ اي منهنجا حبيب (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم)! جيڪڏهن تون نه هجين ها ته آئون دنيا کي نه پيدا ڪريان ها. (تاريخِ دمشق،۳/۵۱۸،از ملفوظاتِ اعليٰ حضرت، ص۵۲۱) معلوم ٿيو ته دنيا جون سموريون شيون ايستائين جو سڀني انبياء عَـلَيْـهِمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي به وجود جي دولت اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ئي مُهابي ملي آهي، توهان ئي اصل ڪائنات ۽ مَنۡبعِ موجودات آهيو. تنهنڪري ته اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا.