Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

هو، اهو زم زم جو پاڻي پي ڪري حضرت هاجره رَضِیَ اللـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا ۽ حضرت اسماعيل عَلَيْهِ السَّلَامزنده رهيا، ايستائين جو حضرت اسماعيل عَلَيْهِ السَّلَام جوان ٿي ويا ۽ شڪار ڪرڻ لڳا ۽ شڪار جي گوشت ۽ زم زم جي پاڻي تي گذر بسر ٿيندو رهيو. پوءِ جُرهم قبيلي جا ڪجھ ماڻهو پنهنجون ٻڪريون چاريندي هن ميدان ۾ آيا ۽ پاڻي جو چشمو ڏسي حضرت هاجره رَضِیَ اللـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جي اجازت سان هتي آباد ٿي ويا ۽ ان قبيلي جي هڪ ڇوڪريءَ سان حضرت اسماعيل عَلَيْهِ السَّلَام جي شادي به ٿي وئي ۽ آهستي آهستي هتي هڪ آبادي ٿي وئي. (عجائب القرآن مع غرائب القرآن، ص۱۴۵، ملخصاً)

اطاعت گذار هجي ته اهڙو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ان واقعي کان اسان کي اهو معلوم ٿيو ته حضرت سَيِّدُنا اِبراهيم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام پنهنجي رب تعالٰي جا تمام ئي اطاعت گذار ۽ فرمانبردار هئا جو (توهان رضاءِ الٰهي جي خاطر پنهنجو) اهو ٻار جيڪو وڏي دعائن کان بعد پوڙهائپ ۾ مليوهو، جيڪو سندن اکين جو نُور ۽ دل جو سُرور هو، فطري طور تي حضرت سَيِّدنا اِبراهيم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام ان کي پنهنجو پاڻ کان ڪڏهن جدا نٿي ڪري سگھيا، پر الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا جي خاطر پنهنجي پياري فرزند ۽ گھرواريءَ کي واديءِ بَطۡحا جي ان ويران جڳھ تي ڇڏي آيا جتي مٿي ڍڪڻ جي لاءِ وڻ جو پتو ۽ اُڃ ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڻي جو هڪ قطرو به نه هو، نه اُتي ڪو يار ۽ مددگار، نه ڪو دوست ۽ غمخوار. اسان مان ڪو هجي ها ته شايد ان جي تصور سان ئي ان جي ڇاتيءَ ۾ دل ڌڙڪڻ لڳي ها، بلڪه غم جي شدّت کان دل ڦاٽي پوي ها. پر حضرت اِبراهيم خليلُ الله عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام الله عَزَّوَجَلَّ جو هي حڪم ٻُڌي نه