Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

نه ڪا آبادي هئي نه ڪو چشمو ۽ پري پري تائين ڪنهن پاڻي يا ماڻهو جو نالو نشان تائين نه هو. حضرت ابراهيمعَلَيْهِ السَّلَام اتي هڪ ٿانوَ ۾ ڪجھ کجورون ۽ هڪ مشڪيزي ۾ پاڻي رکي روانا ٿي ويا. حضرت هاجره رَضِیَ اللـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا فرياد ڪئي: اي الله عَزَّوَجَلَّ جا نبي هن بَرپَٽ بيابان ۾جتي نه ڪو مددگار نه ڪو غمخوار، اوهان اسان کي بي يارومددگار ڇڏي ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟ ڪيئي ڀيرا حضرت هاجره رَضِیَ اللـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا اوهان کي پڪاريو پر اوهان ڪو جواب نه ڏنو، آخر ۾ حضرت بيبي هاجره رَضِیَ اللـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا سُوال ڪيو ته اوهان ايترو ته ٻڌايو ته اوهان پنهنجي مرضي سان ڇڏي پيا وڃو يا خُداوَندِ قُدّوس جي حڪم سان اوهان ائين ڪيو آهي، ته پاڻ عَلَيْهِ السَّلَام فرمايائون: اي هاجره! مون جيڪو ڪجھ ڪيو آهي اهو الله تعاليٰ جي حڪم سان ڪيو آهي. اهو ٻڌي حضرت هاجره رَضِیَ اللـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا چيو ته پوءِ اوهان وڃو، مون کي ڪامل يقين آهي ۽ پورو پورو اطمينان آهي ته الله ڪريم عَزَّوَجَلَّ مون کي ۽ منهنجي پٽ کي ضايع نه فرمائيندو۔ ڪجھ ڏينهن کان پوءِ کجور ۽ پاڻي ختم ٿيڻ تي حضرت هاجره رَضِیَ اللـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا تي بُک ۽ اُڃ جو غَلَبو ٿيو ۽ انهن جي سيني ۾ کير به سُڪي ويو ۽ ٻار بُک ۽ اڃ جي ڪري تڙپڻ لڳو، حضرت هاجره رَضِیَ اللـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا پاڻي جي ڳولها ۽ جُستجو ۾ صفا مروه جي ٻنهي جبلن جا ست (7) چڪر لڳايا پر پري پري تائين پاڻي جو پتو نه مليو، حضرت اسماعيل عَلَيْهِ السَّلَام اڃ جي شدّت جي ڪري کڙيون هڻي ڪري روئي رهيا هئا، حضرت جبرئيل عَلَيْهِ السَّلَام اوهان جي کڙين وٽ زمين تي پنهنجو پير هڻي چشمو جاري ڪري ڇڏيو. هڪ روايت جي مطابق حضرت اسماعيل عَلَيْهِ السَّلَام جي کُڙي سان جاري ٿيو (مراٰة المناجيح ،۴/۶۷) ان پاڻي ۾ کير جهڙي خاصيت هئي جو اهو پاڻي ۽ غذا ٻنهي جو ڪم ڏيندو