Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

مشتمل رسالي ”ابلق گھوڙي سُوار“ جو مطالعو بيحد مُفيد آهي. هر اسلامي ڀاءُ کي گھرجي ته قرباني ڪرڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ضرور هن رسالي جو مطالعو فرمائي وٺي. اِنْ شَآءَالله عَزَّوَجَلَّ علمِ دين جو عظيم خزانو هٿ ايندو ۽ قرباني جي ڪيترن ئي مسئلن کان به آگاهي نصيب ٿيندي. قرباني جي متعلق مزيد معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب ”بهارِ شريعت جلد 3 حصو 15“ مان قرباني جي مسائل جو مطالعو ڪريو يا دارُ الافتاء اهلسُنّت سان رجوع ڪريو.

قرباني جون کلون دعوتِ اسلامي کي ڏيو:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ تبليغِ قرآن ۽ سنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوت اسلامي، دين جي خدمت جي تقريباً 97 شعبن ۾ سُنّتن جي خدمت ۾ مشغول آهي. انهن تمام شعبن کي هلائڻ جي لاءِ ڪروڙين روپيا خرچ ٿيندا آهن. اسان کي به ثواب جي خاطر دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن جي ترقي جي لاءِ پنهنجي گھر، رشتيدارن ۽ پاڙي وارن ۽ گڏوگڏ مختلف علائقن ۾ وڃي دعوتِ اسلامي جي شعبن جو تعارف ڪرائيندي قرباني جي کلون جمع ڪرڻ جو ڀرپور ڪوشش به ڪرڻي آهي ۽ پنهنجن عزيزن ۽ رشتيدارن کي هي ترغيب به ڏيارڻي آهي ته اهي به پنهنجي قرباني جي جانورن جون کلون دعوتِ اسلامي کي ڏئي ڪري نيڪي جي ڪمن ۾ اڳتي وڌي حصو وٺڻ جي سعادت حاصل ڪن. الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِــيْن بِـجَـاهِ الـنَّـبِـیِّ الْاَمِــيْن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد