Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

آزمائش تي صبر انبياء جو طريقو آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته! حضرت سَيّدُنا ابراهيم عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جن پنهنجي قوم کي دينِ حَق جي دعوت ڏيڻ ۾ ڪهڙي همت، استقامت، حوصلي ۽ صبر کان ڪم ورتو. پهرين سندن عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جا گھروارا سندن جا دشمن ٿيا، پوءِ سندن عَـلَيْـهِ الـسَّلَام قوم به دشمن ٿي وئي، ان جي باوجود پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّلَام دين جي دعوت ڏيڻ تَرڪ نه فرمائي، بلڪه انهن جي اصلاح جي ڪوشش جاري رکي. ايستائين جو انهن پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّلَام کي زندھ باھ ۾ ساڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو، تڏهن به پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّلَام انهن جي اڳيان جھڪڻ گوارا نه ڪيو ۽ صبر جي انتها ته ڏسو! ان وقت حضرتِ سَيِّدُنا جبريلِ امين عَـلَيْـهِ الـسَّلَام حاضر ٿي عرض به ڪيو ته ڪا حاجت هجي ته فرمايو، پوري ڪري ڇڏيان؟ پر قربان وڃو! حضرت سَيِّدُنا ابراهيم خليلُ الله عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام تي جو ان وقت به صبر ۽ رضا جا پيڪر رهيا. ان واقعي مان انهن اسلامي ڀائرن کي به درس حاصل ڪرڻ گھرجي جيڪي راھِ خدا ۾ نيڪي جي دعوت ڏيندي پيش اچڻ واري مصيبتن تي شڪوه ڪندي نظر ايندا آهن. ياد رکو! دين جي تبليغ ڪرڻ انبياءِ ڪرام عَـلَيْـهِمُ الـسَّلَام جي سُنّتِ ڪريمه آهي ۽ ان راھ ۾ ملڻ وارين تڪليفن تي صَبۡر ڪرڻ به انهن مقدّس هستين جو طريقو آهي. الله عَزَّوَجَلَّ اَنۡبياء ۽ مرسلين عَـلَيْـهِمُ الـصَّلٰوةِ وَالـتَّسۡلِیۡم ۽ اولياءِ ڪاملين رَحِمَهُمُ اللـهُ الْـمُبین جي آزمائش فرمائيندو آهي ۽ انهن مصيبتن ۽ مشڪلاتن تي صبر ڪرڻ تي اهو رحيم ۽ ڪريم ربّ عَزَّوَجَلَّ پنهنجي رحمت سان انهن کي بيشمار اَجۡر ۽ ثواب ۽ بلند دَرَجات سان نوازيندو آهي. اسان کي به گھرجي ته جڏهن به نيڪي جي دعوت ڏيڻ وقت ڪٿي مشڪلات ۽