Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

ان ۾ آهي سڀ) کي پيدا ڪيو ويو. اعلٰي حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه انهي حقيقت جي طرف اشارو ڪندي فرمائن ٿا:

ہوتے کہاں خلیل و بِنا، کَعبہ و مِنیٰ

لَوْلاک والے صاحِبی سب تیرے گھر کی ہے

(حدائقِ بخشش، ص۲۰۳)

ٻئي جهان توهان جي لاءِ ٺهيا

يعني اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هي فرمائي رهيا آهن: هر ڪنهن جو وجود حُضُور عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي نور جي فيض سان آهي. جيڪڏهن حُضُور عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام نه هجن ها ته نه ڪعبو تعمير ڪرڻ وارا حضرت خليلُ الله عَـلَيْـهِ الـسَّلَام هجن ها، نه ڪعبي شريف جو بنياد رکيو وڃي ها ۽ نه ئي منٰي جون رونقون هجن ها. (شرح حدائقِ بخشش ازمولانا حسن قادري، ص:۵۸۵) ته عالم جي پيدائش به حُضُور پُرنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي طفيل ئي ٿي آهي ۽ ان ڪائنات جو رنگ ۽ خوشبو به مٺي مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دم قدم سان آهي. زمينن ۽ آسمانن جي خالق عَزَّوَجَلَّ ڪائنات بڻائڻ جو ارادو فرمايو ته ان پنهنجي حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نُور جي تخليق فرمائي، ان وقت نه جنّ هئا نه انسان، نه لَوح نه قَلَم، نه جنّت ۽ نه دوزخ ۽ نه حُور ۽ مَلَڪ هئا نه زمين ۽ آسمان ۽ نه ئي هي سج ۽ چنڊ وجود ۾ آيا هئا. ان وقت الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي حبيب جي نُور سان لوح ۽ قَلَم ۽ عَرش و ڪُرسي پيدا فرمايا، پوءِ اِن پاڪ نور سان آسمان ۽ زمين، جنّت ۽ دوزخ کي بڻايو، مقصد هي ته حُضُورِ پاڪ، صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذاتِ پاڪ ئي ڪائنات جي تخليق جو مقصد آهي. جيئن ته حديثِ قُدسي جو مفهوم آهي ته