Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

محبوب ٻانهن کي آسانين سان گڏ ڪيترن ئي مشڪلاتن ۾ مبتَلا فرمائي ڪري انهن جي آزمائش به فرمائيندو آهي ۽ هي نُفوسِ قُدسِيه حرفِ شڪايت زبان تي آڻڻ جي بجاءِ هميشه خوش مزاجي سان انهن مصيبتن ۽ مشڪلاتن کي برداشت ڪندا آهن. الله عَزَّوَجَلَّ حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي به ڪيترن ئي شين سان آزمايو ۽ پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّلَام الله عَزَّوَجَلَّ جي فضل ۽ ڪرم سان هر امتحان ۾ ڪامياب ٿيا. پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي قوم شرڪ جي لعنت ۾ مبتلا هئي. جڏهن پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام اعلانِ نبوت فرمايو ته سڀ کان پهريان اهل ۽ عيال مان پنهنجي چاچي کان آغاز فرمايو ۽ ان کي شرڪ کان باز رهڻ ۽ الله عَزَّوَجَلَّ کي ئي معبودِ حقيقي مڃڻ جي دعوت ڏني. ان جو نتيجو هي نڪتو ته انهن عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جو چاچو سندن جي ڳالھ مڃڻ جي بجاءِ انهن عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جو دشمن ٿي ويو. قرآنِ پاڪ ۾ هي واقعو هن ريت بيان ڪيو ويو، سيپاري 16، سورهء مريم جي آيت نمبر 42 ،43 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

اِذۡ قَالَ لِاَبِیۡہِ یٰۤاَبَتِ لِمَ تَعۡبُدُ مَا لَا یَسۡمَعُ وَ لَا یُبۡصِرُ وَ لَا یُغۡنِیۡ عَنۡکَ شَیۡئًا ﴿۴۲﴾ یٰۤاَبَتِ اِنِّیۡ قَدۡ جَآءَنِیۡ مِنَ الۡعِلۡمِ مَا لَمۡ یَاۡتِکَ فَاتَّبِعۡنِیۡۤ اَہۡدِکَ صِرَاطًا سَوِیًّا ﴿۴۳﴾

( سيپاري 16، سورهء مريم آيت نمبر 42 ،43)

 

ترجمو ڪنزالايمان: جڏهن پنهنجي پيءَ کي چيائين اي منهنجا پيءُ اهڙي کي ڇو ٿو پوڄين جيڪو نه ٻڌي نه ڏسي ۽ نه تنهنجي ڪنهن ڪم اچي. اي منهنجا پيءُ بيشڪ مون وٽ اهو علم آيو جيڪو تو وٽ نه آيو، تون منهنجي پٺيان هليو اچ ته مان توکي سڌي واٽ ڏيکاريان.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! آيت مبارڪه ۾ حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جي چاچي کي پيءُ سڏيو ويو آهي، ان جو سبب بيان ڪندي حضرت صَدۡرُالاَفاضِل حضرت علّامه مولانا سيِّد محمد نعيمُ الدّين مُراد آبادي عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ الهادي فرمائن ٿا: