Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

﴿قَالُوا اقۡتُلُوۡہُ اَوۡ حَرِّقُوۡہُ ترجمو ڪنزالايمان: چيائون هن کي قتل ڪري ڇڏيو يا ساڙي ڇڏيو (پارہ:۲۰، العنکبوت:۲۴) صَدۡرُالاَفاضِل حضرت علّامه مولانا سيِّد محمد نعيمُ الدّين مراد آبادي عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ الهادي فرمائن ٿا: نمرود ۽ ان جي قوم پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّلَام کي باھ ۾ ساڙڻ تي متفق ٿي وئي ۽ انهن پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّلَام کي هڪ مڪان ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۽ قريه ڪوثيٰ ۾ هڪ عمارت ٺاهي ۽ هڪ مهيني تائين ڪوشش سان سڀني قِسمن جون ڪاٺيون جمع ڪيون ۽ هڪ وڏي باھ ٻاري، جنهن جي تپش سان هوا ۾ اڏامڻ وارا پکي به سڙي ويندا هئا ۽ هڪ مَنۡجَنِيق (مَنۡ.جَ.نِيۡق پٿر اڇلائڻ واري توپ) بيهاري ۽ پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّلَام کي ٻَڌي ان ۾ رکي باھ ۾ اڇلايو، ان وقت سندن عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جي زبان مبارڪ تي هو حَسْبِیَ اﷲُ وَ نِعْمَ الْوَکِیْلُ (يعني الله عَزَّوَجَلَّ مونکي ڪافي آهي ۽ ڪيترو ئي بهتر ڪارساز) جبريلِ امين عَـلَيْـهِ الـسَّلَام پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّلَام کي عرض ڪيو ته ڇا ڪو ڪم آهي؟ پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جن فرمايو تون سان نه، جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّلَام عرض ڪيو: ته پنهنجي رب کان سُوال ڪريو! فرمايو: سُوال ڪرڻ سان ان جو منهنجي حال کي ڄاڻڻ مون کي ڪفايت ڪري ٿو. (خزائن العرفان،سيپارو:۱۷، الانبيا، تحت الآية:۶۸) تڏهن الله عَزَّوَجَلَّ ان باھ کي حڪم فرمايو ﴿یٰنَارُ نَارُ کُوۡنِیۡ بَرۡدًا وَّ سَلٰمًا عَلٰۤی اِبۡرٰہِیۡمَ ﴿ۙ۶۹﴾ ترجمو ڪنزالايمان: اي باھ ٿي وڃ ٿڌي ۽ سلامتي واري ابراهيم تي. ته باھ سواءِ توهان جي بندش (رسين وغيره) جي ٻيو ڪجھ نه ساڙيو ۽ باھ جي گرمي ختم ٿي وئي ۽ روشني باقي رهي. (خزائن العرفان،سيپارو:۱۷، الانبيا، تحت الآية:۶۹)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد