Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام سان گڏ ملي صبر ۽ رِضا جو اهڙو منظر پيش فرمايو، جنهن جو مثال نه ٿو ملي. پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام اٺين ذوالحج جي رات هڪ خواب ڏٺو جنهن ۾ ڪو چوڻ وارو چئي رهيو هو: ”بيشڪ الله عَزَّوَجَلَّ توکي پنهنجو پٽ ذَبۡح ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو“. پاڻ صبح کان شام تائين انهيءَ باري ۾ غور فرمائيندا رهيا ته هي خواب الله عَزَّوَجَلَّ جي طرفان آهي يا شيطان جي طرفان؟ اٺ ذوالحج جو نالو یَوۡمُ التَّرۡوِیَہ (يعني سوچ ويچار جو ڏينهن) انهيءَ ڪري رکيو ويو. نائين رات وري ساڳيو خواب ڏٺائون ۽ صبح يقين ڪري ورتائون ته هي حڪم الله عَزَّوَجَلَّ جي طرفان آهي. ان ڪري 9 ذوالحج کي یَوۡمِ عَرفَه (يعني سڃاڻپ وارو ڏينهن) چيو ويندو آهي. ڏهين رات وري اهوئي خواب ڏسڻ کان بعد پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام صبح جو هن خواب تي عمل ڪرڻ يعني پٽ جي قرباني جو پڪو ارادو ڪري ورتو، انهيءَ ڪري 10 ذوالحج کي یَوۡمُ النَّحۡر (يعني ذبح جو ڏينهن) چيو ويندو آهي. (تفسير ڪبير ج 9، ص 346) الله عَزَّوَجَلَّ جي حڪم تي عمل ڪندي پُٽ جي قرباني جي لاءِ حضرت اِبراهيم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جڏهن پنهنجي پياري پُٽ حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي جنهن جي عمر ان وقت 7 سال (يا 13 سال يا هن کان ڪجھ وڌيڪ) هئي گڏ وٺي هليا. (پُٽ هجي ته اهڙو) پوءِ جيئن حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام فرمايو هو انهن کي اهڙي ئي طرح ٻَڌي ڇڏيو، پنهنجي ڇُري تيز ڪئي، حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي پيشاني ڀر ليٽايو، انهن جي چهري تان نظر هٽائي ۽ انهن جي ڳلي تي ڇُري وهائي ڇڏي پر ڇُري پنهنجو ڪم نه ڪيو يعني ڳلو نه ڪٽيو. انهيءَ وقت حضرت اِبراهيم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام تي وَحي نازِل ٿي. جيئن ته سيپاري 23 سُورَةُ الصّٰفّٰت آيت نمبر 104 کان 107 ۾ ارشاد ٿئي ٿو: