Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

1)      سُنّت آهن. صحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جن عرض ڪيو: يَا رَسولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن ۾ اسان جي لاءِ ڇا ثواب آهي؟ فرمايو: هر وار جي بدلي هڪ نيڪي آهي. عرض ڪيو: ۽ اُن ۾؟ فرمايو: ان جي هر وار جي بدلي به هڪ نيڪي آهي.

(ابن ماجه ،ڪتاب الاضا حي، باب ثواب الاضحية، رقم ۳۱۲۷ ،ج۳ ،ص ۵۳۱)

2)      هڪ ٻي حديثِ پاڪ ۾ آهي: اي انسانو! خوش دلي سان قرباني ڪندا ڪريو ۽ اُن جي رت تي رضاءِ الٰهي عَزَّوَجَلَّ ۽ اَجۡر جي اُميد رکو چاهي اها زمين تي ڪري چڪي هجي، ڇو جو اها الله عَزَّوَجَلَّ جي حفاظت ۾ ڪرندي آهي. ( العجم الاوسط ، الحديث: ۸۳۱۹، ج۶، ص ۱۴۸)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! جنهن شخص تي شَرۡعي اُصولن جي بنياد تي قرباني واجب آهي ان تي قرباني جي متعلق مسئلا سکڻ به لازم آهن. في زمانو علمِ دين کان دُوري جي سبب مسلمان ان اهم فريضي کي به جهڙو ان جو حق آهي، ادا نه ٿا ڪن، اسان جي معاشري جو هڪ تعداد اهڙو آهي جنهن جي ديني معلومات جو حال هي آهي ته هڪ ئي گهر ۾ رهڻ وارن مختلف مالڪِ نصاب فرد پوري گهر جي طرفان هڪ ئي ٻَڪرو قربان ڪري ڇڏيندا آهن ۽ قرباني جي لاءِ جانور ڪهڙو هئڻ گھرجي؟ يا ڪهڙي عيب جي سبب قرباني نه ٿيندي؟ انهن کي معلوم ئي نه هوندو آهي ۽ اهي قرباني ڪرڻ کان بعد ان خوش فهمي ۾ مبتلا رهندا آهن ته اسان به سُنّتِ ابراهيمي تي عمل ڪري ورتو ۽ اسان جو واجب ادا ٿي ويو. جڏهن ته انهن جي ذمّي واجب جي ادائيگي باقي رهندي آهي. ان لاءِ قرباني جي احڪامات جو علم هئڻ ضروري آهي. قرباني ۾ پيش اچڻ وارن مسئلن جي متعلق شيخِ طريقت،اميرِ اَهلسُنَّت،بانيِ دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابُو بلال محمدالياس عطّارقادري رَضَوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جو 48 صفحن تي