Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

مِيلاد جي مهيني ۾ خاص ڪري شروعاتي 12 ڏينهن ۾ مُختَلِف مقامن تي اِجتِماعِ ذِڪر و نَعت ۽ مدني مذاڪره اجتماعن جو اِهتِمَام ڪندا، انهن ۾ شرڪت ڪندا، گھرن، دُڪانن، ڪارخانن، گاڏين، بازارن، گهٽين ۽ محلن کي مدني پَرچَمن ۽ بَرقِي  Electrical)) قُمقُمن سان سَجائيندا، جُھومندي، لَب چُمندي،هٿن ۾ مدني پَرچم کڻي، مَرحبا يا مُصطَفٰي جي صَدائن ۾ جُلوسِ مِيلاد جون ڌُومون مچائيندا، الله عَزَّ وَجَلَّ جي رَسُول، رَسُولِ مَقبول صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُقَدَّس بارگاھ ۾ دُرُود ۽ سَلام جا نَذرانا پيش ڪندا، رسالا ورهائڻ جي ترڪيب ڪندا، ۽ دِل کولي لنگرِ مِيلاد جو اِهتِمَام ڪندا آهن۔ اچو! نُور واري آقا، ڪائنات کي جڳمڳ ڪرڻ واري داتا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن نُوراني مهيني جي نُوراني ڏينهن جي رُوحاني بَرَڪتن سان فَيضياب ٿيڻ جي نِيت سان عاشِقِ ماھ مِيلاد، اَميرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي تَصنِيف ”فَيضانِ سُنّت“ مان هڪ اِيمان اَفروز واقِعو ٻڌون ٿا، جيئن

جَشنِ وِلادَت جي لَڏوئن ۾ بَرَڪت

اَميرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا ته مُراد آباد (هند) ۾ هڪ عاشقِ رسول هر سال ربيع الاول شريف ۾ ڌوم ڌام سان مٺي مٺي آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو جشنِ ولادت ملهائيندا هئا ۽ زبردست محفلِ ميلاد منعقد ڪندا هئا، سرڪارِ اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جا خليفا، صاحبِ خزائن العرفان حضرت صدرُالافاضل علامه مولانا سيّد محمّد نعيم الدين مُراد آبادي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه ان ۾ خصوصي شرڪت فرمائيندا هئا. هڪ ڀيري محفل ميلاد ۾ معمول کان گهڻا وڌيڪ ماڻهو شريڪ ٿيا. ختم ٿيڻ تي معمول جي مطابق پاءُ پاءُ (تقريبًا 250 گرام) لڏون ورهائجڻ لڳا، پر اهي اڌ تي اڌ گهٽ محسوس ٿيڻ لڳا. محفل جي ذميدار گهٻرائجي ڪري حضرت صدرُالافاضل رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت باڪرامت ۾ معاملو عرض ڪيو، پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه