Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

اَنداز ۾ اَشڪ بار اکين سان صُبحِ بهاران جو اِستِقبال ڪندا آهن، اوهان جي هن دِل نشين اَنداز کي ڏسي کوڙ اکيون اَشڪ بار ٿي وينديون آهن ۽ دِلين ۾ عشقِ حبيب جي شَمع روشن ٿي ويندي آهي جڏهن ته ٻارهين واري ڏينهن عِيدِ

مِيلَادُالنَّبِي جي خوشي ۾ پاڻ عاشِقانِ رَسُول اسلامي ڀائرن ۾ عِيدي به ورهائيندا آهن۔ مِيلادِ مُصطَفٰي جي خوشي ۾ عشق ۽ مَحَبَّت ۾ اوهان جي ديوانگي جو اندازو سندن تَحرير ڪيل نعتيه دِيوان ”وَسائلِ بخشش“ مان آساني سان لڳائي سگھجي ٿو جيئن  ته پنهنجي هن نعتيه دِيوان ۾ مَوجود هڪ ڪلام جي مَقطَع ۾ پنهنجي جذبات جو اِظهار ڪجھ هيئن ڪن ٿا ته

پُھولے نہیں سَماتے ہیں عطّارؔ آج  تو              دُنیا  میں آج  حامیِ  عطّارؔ  آگئے

سرڪار جي آمد…مرحبا ٭٭ سردار جي آمد …مرحبا ٭٭ آمنه جي پياري جي آمد …مرحبا
رسولِ مقبول جي آمد …مرحبا
٭٭ پياري جي آمد …مرحبا

مرحبا يا مصطفي مرحبا يا مصطفي        مرحبا يا مصطفي        مرحبا يا مصطفي

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ’’ مَدَني اِنعَامات‘‘

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَميرِ اَهلسُنّتدَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو عشق ۽ مستي ۾ ٻڏي پنهنجي آقا ۽ مَوليٰ،حَبيبِ ڪبرِيا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آمد جو جَشن ملهائڻ هن ڳالھ جو واضِح ثُبوت آهي ته بيشڪ پاڻ هڪ سچّا عاشقِ رَسُول آهن۔ جيڪڏهن اسان به چاهيون ٿا ته اسان کي به عشقِ حبيب جي لازَوال دَولت ۽ جَشنِ وِلادَت ملهائڻ جو سَلِيقو اچي وڃي ته ان جو بهترين ذَرِيعو هي آهي ته اسان دَعوَتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهون ۽ خوش دِلِي سان 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصو وٺون۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم” مَدَني اِنعَامات“ جي مُطابِق روزانو فِڪرِ مدينه ڪندي هر مَدَني مهيني جي پهرين تاريخ تي پنهنجي علاقي جي ذِمَّه دار کي مدني