Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

جُمعَه ۽ (2)عَرَفَه۔ (ترمذي، ڪتاب التفسير، باب ومن سورۃ (المائدۃ۵/ ۳۳، حديث: ۳۰۵۵) هن مان مَعلوم ٿيو ته ڪنهن دِيني ڪاميابي جي ڏينهن خوشي جو ڏينهن ملهائڻ جائز ۽ صَحابَه ڪرام رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْهم کان ثابِت آهي، نه ته (حضرت سَيدُنا) عَبدُ الله بِن عَبَّاس رَضِى اللّٰهتَعَالٰى عَنْهما واضح فرمائن ها ته جنهن ڏينهن ڪو خوشي جو واقِعو Event)) ٿئي ان جي يادگار قائم ڪرڻ ۽ ان ڏينهن کي عِيد ملهائڻ اسان بِدعَت سمجھون ٿا، هن مان ثابِت ٿيو ته عِيدِ مِيلاد ملهائڻ جائز آهي ڇوته اها الله عَزَّوَجَلَّ  جي سڀ کان عظيم نعمت جي يادگار ۽ شڪر گذاري آهي۔     (صراط الجنان،۲/۳۸۲ملخصاً)

منانا جَشنِ مِیْلَادُالنَّبِی ہرگِز نہ چھوڑیں گے                              جُلوسِ پاک میں جانا کبھی ہرگِز نہ چھوڑیں گے

خُدا کے دوستوں سے دوستی ہرگِز نہ چھوڑیں گے                    نَبِی کے دُشمنوں کی دُشمنی ہرگِز نہ چھوڑیں گے

رهنما جي آمد مَرحبا٭ رهبر جي آمد مَرحبا٭ افسر جي آمد مَرحبا ٭سَروَر جي آمد مَرحبا  ٭ مَحبوبِ ربّ جي آمد مَرحبا٭سُلطانِ عَرَب جي آمد مَرحبا٭ رَسُولِ اَڪرم جي آمد مَرحبا

مرحبا يا مصطفي    مرحبا يا مصطفي         مرحبا يا مصطفي         مرحبا يا مصطفي

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مجلسِ مَدرَسةُ المدينه آن لائن

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  عاشِقانِ رَسُول جي مَدَني تَحريڪ دَعوتِ اِسلامي وِلادَتِ مُصطَفٰي جون ڌومون مچائڻ ۽ مسلمانن کي عشق رسول جا جام پيارڻ سان گڏوگڏ ڪم و بيش 104 شعبن ۾ نيڪي جي دَعوَت عام ڪرڻ ۾ مَصروف آهي، جن مان هڪ شُعبو مَدرَسةُ المدينه آن لائن به آهي۔ هن شُعبي تحت اِنٽرنيٽ جي ذَرِيعي مُختَلِف ملڪن جي مُسلمانن کي نه صِرف دُرُست مَخارِج سان قُرآٓنِ پاڪ جي مُفتFree)) تعليم ڏني ويندي آهي بلڪه بُنيادي اِسلامي تعليمات مَثال طور وُضو، غُسل، تَـيمُّم، اَذان، نَماز، زَڪوٰة، روزو ۽ حج وغيره جا مسئلا به سيکاريا ويندا آهن۔هن شعبي جي تفصيلي مَعلومات ۽ داخِله فارم Admission Form جي لاءِ دعوتِ