Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

الله جا رَسُول صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ يقيناً الله تعالٰي جو عظيم ترين فَضل ۽ رَحمت آهن۔ تنهنڪري نَبِي ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ذاتِ مُبارَڪه جي حوالي سان خُوشي مَلهائي ويندي، چاهي اهو مِيلاد شريف ڪري ٿئي يا مِعرَاج شريف مَلهائڻ جي ذَريعي، ها! جيڪڏهن ڪنهن بَدنصيب جي لاءِ اهو خوشي جو مَقام ئي نه آهي ته ان جو مُعَامَلو جُدا آهي، ان کي پنهنجي اِيمان جي باري ۾ سوچڻ گھرجي۔    (صراط الجنان،۴/۳۴۰ ملتقطاً)

جب تلک یہ چاند تارے جِھلْملاتے جائیں گے         تَب تلک جشنِ وِلادَت ہم مَناتے جائیں گے

اُن کے عاشِق نُور کی شَمعیں جَلاتے جائیں گے        جبکہ حاسِد دِل جلاتے سٹپٹاتے جائیں گے

لاکھ شَیْطاں ہم کو روکے فَضْلِ ربّ سے تا اَبَد        جَشن، آقا کی وِلادَت کا مَناتے جائیں گے

 

سٺي جي آمد  مرحبا سچي جي آمد …مرحبا ٭٭ سهڻي جي آمد مرحبا ٭٭ دلبر جي آمد ..مرحبا

مرحبا يا مصطفي مرحبا يا مصطفي        مرحبا يا مصطفي        مرحبا يا مصطفي

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

وه جو نه تھے تو ڪچھ نه تھا!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً اسان کي جيڪي به نعمتون مُيسَّر آهن اهي سڀ رَسُولِ بي مثال،بي بي آمِنه جي لال، مَحبوبِ ربّ ذُوالجَلال صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ وُجودِ جو ئي صَدَقو آهي، پاڻ ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جانِ ڪائنات بلڪه ڪائنات جو وُجُود ئي سندن قَدَمن جو صدقو آهي، جيڪڏهن سَرڪارِ مَڪه مُڪرَّمَه، سَردارِ مَدِينَه مُنَوَّرَه صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف نه آڻن هئا ته هن دُنيا ۾ نه جِنّ هجن ها، نه اِنسان، نه سج هجي ها نه چنڊ، نه زَمين هجي ها نه آسمان، نه جَنَّت ۽ دوزخ هجي ها، نه ئي حُورون ۽ غِلمان، نه لَوح ۽قَلم هجي ها نه عَرش ۽ ڪرسِي۔ اَلغَرَض حُضُورِ پاڪ، صاحِبِ لَولاڪ، سَياحِ اَفلاڪ صَلَّى الله تَعَالٰى