Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! بيان کان پهريان عاشقِ ماھ ميلاد ۽ عاشقِ ماھ رِسالت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي عطا ڪيل نعرن سان، ٿي سگھي ته مدني پرچم لوڏي ڪري وڏي جوش ۽ جذبي، محبت ۽ عقيدت سان مرحبا يا مصطفيٰ جي ڌُوم مچايو۔

 45سرڪار جي آمد…مرحبا ٭٭ سردار جي آمد …مرحبا ٭٭ آمنه جي پياري جي آمد …مرحبا
رسولِ مقبول جي آمد …مرحبا
٭٭ پياري جي آمد …مرحبا ٭٭ چڱي جي آمد … مرحبا
سچي جي آمد …مرحبا
٭٭ سهڻي جي آمد …مرحبا ٭٭ دلبر جي آمد …مرحبا
مُختار جي آمد …مرحبا
٭٭ مُختار جي آمد …مرحبا ٭٭ مُختار جي آمد …مرحبا

     مرحبا يا مصطفي    مرحبا يا مصطفي         مرحبا يا مصطفي         مرحبا يا مصطفي

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

نُو رِ مُصطَفٰي جي مُنتَقِل ٿيڻ تي جَشن جو منظر

حضرت علّامه شُعَيب حَرِيفِيش رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا:جڏهن نُورِ مُحَمَّدي سَيدتُنا آمِنه رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْها ۾ مُنتَـقِل ٿيو ته وڏيون عظيم نِشانيون ظاهر ٿيڻ لڳيون۔ سڄي مَخلوق هڪ ٻئي کي خوشخبريون ڏيڻ لڳيون، زَمين ۽ آسمان ۾ اِعلان ڪيو ويو: اي عَرش! وَقار ۽ سَنجيدگي جو نِقاب پائي۔ اي ڪرسِي! فَخر جي زرهه پاءِ ، اي سِدرَةُ المُنتَهٰي! خُوشيءَ سان جُھوم، اي هيبَت ۽ رُعب ۽ دَٻدَٻي جا اَنوار! توهان به خُوب روشن ٿي وڃو۔ اي جَنَّت! خُوب سينگارجي وڃ۔ اي مَحَلَّات جون حُورون! توهان به بُلندي تان ڏسو۔ اي رِضوان (جَنَّت جا مالهي)! جَنَّت جا دروازا کولي ڇڏ ۽