Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

کي بِگاڙي ڇڏڻ ”فِتنو“ چورائيندو آهي۔ (حديقۃ نديۃ، الخلق الثامن والاربعون ،۲/ ۱۴۶)

شَرْعِي اُصولن جي پابندي ڪرڻ، چادر ۽ چار دِيواري جي تَقَدُّس کي بَرقَرار رکڻ، حُڪمِ خداوندي جي بجا آوَري ڪرڻ ۽ شَرعِي حاجت کان علاوه  گھر ۾ رهڻ کي ئي تَرجيح ڏيڻ جي مُعَامَلي ۾ اُمَّهاتُ المُومنين، صَحابِيات رَضِى الله تَعَالٰى عَنْهنَّ اَجْمَعِين ۽ وَلِيات رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهنَّ اَجْمَعِين جو ڪردار اسان جي اِسلامي ڀينرن جي لاءِ يقيناً هڪ بهترين عَمَلِي نَمُونو practical paradigm)) آهي، تنهنڪري اِسلامي ڀينرن کي کپي ته اهي انهن الله وارين جي ڪردار کي پنهنجي لاءِ مَشعَلِ راھ بڻائي پنهنجي لاءِ جَنَّت جي راهه کي آسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪن۔ اچو! ان باري ۾ هڪ فِڪر اَنگيز حِڪايت ٻڌون ٿا، جيئن

مان فرض حج ڪري چڪي آهيان!

اُمُّ المُؤمِنِين حضرت سَيدَتُنا سَودَه رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْها کي نَفل حَج ۽عُمره جي لاءِ عَرض ڪيو ويو ته فرمايائون؛ آئون فرض حج ڪري چڪي آهيان۔ منهنجي رب عَزَّوَجَلَّ  مون کي گهر ۾ رهڻ جو حڪم فرمايو آهي، خداعَزَّوَجَلَّ  جو قسم! هاڻي منهنجي بدران منهنجو جنازو ئي گهر مان نڪرندو۔ راوي فرمائن ٿا، خدا جو قسم! ان کانپوءِ زندگيءَ جي آخري ساهه تائين پاڻ رَضِىَ الله تَعَالٰی عَنْهَا گهر کان ٻاهر نه نڪتيون۔              (تفسيرِ درّمنثور،۶ / ۵۹۹)

دیدے پَردَہ بہو بیٹیوں کو           ماؤں بہنوں سبھی عَوْرَتوں کو

                            ہم سبھی کو حقیقی حَیا کی       میرے مَوْلیٰ تُو خَیْرات دیدے(وسائل بخشش مرمم،ص۱۲۸)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو ته

٭  وِلادتِ مُصطَفٰي جو جَشن تمام مَخلُوق ملهايو۔

٭  وَلادتِ مُصطَفٰي جو جَشن ملهائڻ هميشه کان مسلمانن ۾ رائج رهيو آهي۔

٭  وِلادتِ مُصطَفٰي سان ڪائنات جي هر شيء نُوراني بڻجي وئي۔