Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

الله عَزَّوَجَلَّ  ان تي سو (100) رحمتون نازل فرمائيندو آهي ۽ جيڪو مون تي سو (100) ڀيرا دُرُودِ پاڪ پڙھي الله عَزَّوَجَلَّ  ان جي ٻنهي اکين جي وچ ۾ لکندو آهي ته هي نِفاق ۽ جَهنَّم جي باھ کان آزاد آهي ۽ ان کي قيامت جي ڏينهن شهيدن سان گڏ رکندو.                                                                                                                                                                      (معجم الاوسط، 5 /252،حديث:،حديث:7235)

پڑھو  سلام کرو  ڈُوب  کر مَحَبَّت    میں                                  دُرُودِ پاک کی کثرت نَبی کی آمد ہے

                (وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۴۶۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                  صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي( المعجم الڪبير للطبراني 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

 (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ڇڙٻ ڏيڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله ، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي