Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

کان پهريان الله عَزَّوَجَلَّ  کان سواءِ ڪجهه نه هو جيڪڏهن پاڻ سڳورن صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جووجود نه هجي ها ته الله عَزَّوَجَلَّ  کان سواءِ ڪا به شيء موجود نه هجي ها ڇوته اوهان صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تمام جهانن جو روح ۽ جان آهن جيڪڏهن روح نڪري وڃي ته بدن ختم ٿي ويندو آهي ته جيسيتائين حضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ  موجود آهن يعني جان آهي ته جهان به باقي آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ سڄي دُنيا ۾ عِيدِ مِيلَادُ النَّبِي جي موقعي تي مسلمانن جي اندر جيڪو جوش ۽ جذبو موجود آهي يقيناً اهو قابِلِ رَشڪ ۽ ساراھ جي لائق آهي ڇوته دشمن جي بري سازِشن جي باوُجُود به اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  هر سال جَشنِ وِلادَت جي ڌُوم ڌام ۾ مُسَلسَل اِضافو ئي ٿيندو پيو وڃي۔ بيشڪ اهو سڀ عُلَماءِ حَقّ ۽ اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهمْ اَجْمَعِين جي ڏينهن رات جي ڪوششن جو نتيجو آهي جو اڄ مسلمانن جو ٻچو ٻچو تاجدارِ حَرَم، نَبِي مُحتَرم، شَفيعِ اُمَم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان ۽ عظمت جا تَرانا ڳائي پيو ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مَحَبَّت ۾ سَرشار ٿي رسول اڪرم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جَشنِ وِلادَت جون خوشيون ملهائي ٿو۔ غور ڪريو ته جن جي تعليمات تي عمل جون اهي بَرَڪتون آهن ته خُود اُن حضرات جو عِيد مِيلَادُالنَّبِي جون ڌومون مچائڻ جو پنهنجو اَنداز ڪيتري قَدَر نِرالو هوندو۔ اچو! ترغيب طور عاشقِ ماه مِيلاد، اَميرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي عشق ۽ مستي سان ڀرپور جَشنِ وِلادَتِ مُصطَفٰي مَلهائڻ جي دُلرُبا اَنداز جون ڪجھ جھلڪيون مُلَاحَظَه ڪيون ٿا جيئن،

اَمير ِاَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو ٻارهين ملهائڻ جو اَنداز

عاشقِ ماھ مِيلاد، اَميرِ اَهلسُنّتدَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو سالن کان اهو مَعمول رهيو