Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

اِسلامي جي ويب سائٽ (www.dawateislami.net) جو وزٽ ڪيو،

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اِسلامی تِری دُھوم مَچی ہو!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                  صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

عَورَتن جو جُلوسِ ميلاد ۾ اچڻ ڪيئن؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عيدِ مِيلَادُ النَّبِي جون خوشيون ملهائڻ يقيناً هڪ نهايت وڏو ثَواب جو ڪم ۽ الله جي رضا جو سبب آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  لکين عاشقانِ رسول 12 رَبِيعُ الاَوَّل جي ڏينهن جلوسِ مِيلاد ۾ شرڪت ڪندا آهن ۔ پر ياد رهي ته عورتن جو اهڙي جلوسن ۾ وڃڻ جي بلڪل به اِجازت ناهي۔ اَمِيرِ اَهلسُنّت، باني دعوتِ اسلامي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه ڪئي ڀيرا مَدَني مُذاڪرن ۾ ان کان منع ڪيوآهي۔ پر اَفسوس! ان جي باوُجُود به ڪجهه نادان پاڻ سان گڏ پنهنجي گھر جي عَورَتن کي به جُلوسِ مِيلاد ۾ وٺي ايندا آهن جيڪو يقيناً هڪ نهايت وڏو سانحو آهي۔ ياد رکو! عَورَتن جو جُلوسِ مِيلاد ۾ شِرڪت ڪرڻ مُسَلسَل خَطري جي گھنٽي وڄائي ٿو، مردن ۽ عورتن جو گهڻو اختلاط (عورتن ۽ مردن جو گڏ هلڻ) ٿئي ٿو جيڪو بَد نگاهي جو دروازو کولي ٿو ۽ عاشِقانِ رَسُول کي آزمائش ۾ مُبتَلا ڪري ٿو، مسلمانن جي بَدنامي جو سبب بڻجي ٿو، شَيطان ۽ سازِشي عَناصِر کي برائي ڦهلائڻ جو موقعو ڏئي ٿو، مطلب ته عَورَت جو جُلوسِ مِيلاد ۾ اچڻ ڪئي فتنن کي جڳائڻ جي مُتَرَادِف آهي۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: فتنو سُتل ھوندو آھي ان تي الله عَزَوَّجلَ جي لعنت جيڪو ان کي جاڳائي۔ (جامع صغير،ص۳۷۰،حديث:۵۹۷۵) ڪنهن دِيني فائدي جي بغير ماڻهن کي بي چيني، اِختِلاف، مُصِيبت ۽ آزمائش ۾ مُبْتَلا ڪري نِظامِ زِندگي