Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ علٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

12 ربيع الاول سا ن سڀني کي ڇو  پيار آهي

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                        وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                   وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)  

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو، ڇوته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ يا سحري، افطاري ڪرڻ، ايستائين جو ٓآبِ زم زم يا دَم ڪيل پاڻي پيئڻ جي به شرعاً اجازت ناهي، البت جيڪڏهن اعتڪاف جي نيت هوندي ته اهي سڀ شيون ضمناً جائز ٿي وينديون۔ اعتڪاف جي نيت به صرف کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ گھرجي بلڪ ان جو مقصد الله تعالٰي جي رِضا هجي۔ ”فتاوي شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري، ڪجھ دير ذِڪرُاللہ ڪري پوءِ جيڪو چاهي ڪري (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو) ۔

دُرُودِ پاڪ جي فضيلت

تاجدارِ مدينه، رَاحتِ قلب و سِينه صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ رحمت نشان آهي: جنهن مون تي هڪ ڀيرو دُرُودِ پاڪ پڙھيو، الله عَزَّوَجَلَّ  ان تي ڏھ (10) رَحمتون نازِل فرمائيندو آهي ۽ جيڪو مون تي ڏھ (10) ڀيرا دُرُودِ پاڪ پڙھي