Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

جڏهن هو ستو ته قسمت کلي پئي ۽ ڇا ٿو ڏسي ته جنابِ رِسالت مَآب صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ خواب ۾ تشريف فرما ٿيا آهن۔ مُبارَڪ چپن کي جُنبِش ٿي، رَحمت جا گل وسڻ لڳا ۽ لفظ ڪجھ ائين تَرتِيب ۾ آيا: ”جيڪو مَدَني قافِلي ۾ روزانو فڪرِ مدينه ڪندا آهن مان انهن کي پاڻ سان گڏ جَنَّت ۾ وٺي ويندس۔“

مِرے تم خَواب میں آؤ مِرے گھر روشنی ہوگی              مِری قسمت جگا جاؤ، عِنایت یہ بڑی ہوگی

مجھے گَر دِید ہوجائے،تو میری عِیْد ہوجائے                تِرا دیدار جب ہوگا، مجھے حاصِل خوشی ہوگی

میں بَن جاؤں سَراپا ”مَدَنی اِنْعَامات“ کی تَصویر             بَنُوں گا نیک یااللہ اگر رَحمت تِری ہوگی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

عِيدن جي عِيد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سَرڪارِ اَبدِقَرار، اسان بيڪسن جي مددگار، شَفيعِ روزِ شُمار صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وِلادَتِ باسعادت جو ڏينهن عاشِقانِ مُصطَفٰي جي لاءِ عِيد کان گھٽ ناهي، بلڪ هي ته عِيدن جي به عِيد آهي ڇوته هن ڏينهن جانِ جهان، رَحمتِ عالَميان، سَياحِ لامڪان، مَحبوبِ رَحمٰنصَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن دُنيا ۾ رَحمت بڻجي جَلوه گَر ٿيا۔ شارِحِ بُخاري حضرت سَيدُنا اِمام قَسطَلَاني رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: اللهعَزَّ وَجَلَّ ان شخص تي رَحمت نازِل فرمائي جنهن ماھِ وِلادَت جي راتين کي عِيد بڻائي ورتو۔         (مواهب لدنيه،الاحتفال بالمولد،۱/۱۴۸)

عِیدِ مِیْلَادُ النَّبِی تو عِید کی بھی عِید ہے                   بِالیقیں ہے عِیدِ عِیداں عِیدِ مِیْلَادُ النَّبِی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

جيڪڏهن تاجدارِ اَنبيا، مَحبوبِ ڪبرِيا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن هن ناپائيدار دنيا ۾ جَلوا فرما نه ٿين ها ته يقيناً ڪا عِيد، نه عِيد هجي ها ۽ نه ئي ڪا رات، شَبِ قَدر يا شَبِ بَرَاءَت هجي ها۔ اهي عِيدون ۽ مُبارَڪ راتيون اسان کي رسول