Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

انعامات جو رِسالو جمع ڪرائڻ به آهي۔

٭اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  مَدَني اِنعامات عمل جو جذبو وڌائڻ ۽ گناهن کان پيڇو ڇڏائڻ جو بهترين نُسْخو آهن، ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل ڪرڻ وارن سان اَميرِ اَهلسُنّت،باني دعوتِ اسلامي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه گھڻو خوش ٿيندا ۽ اُنهن کي دُعائن سان نوازيندا آهن، ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل جي بَرَڪت سان خَوْفِ خُدا ۽ عشقِ مُصطَفٰي جي لازوال دَولت ملندي آهي،٭مَدَني اِنعامات جو هي عظيم تحفو Gift)) اَسلافِ ڪرام رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهمْ اَجْمَعِين جي ياد ڏياري ٿو، ٭ مَدَني اِنعامات بُزرْگانِ دِين رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهمْ اَجْمَعِين جي نَقشِ قَدَم تي هلندي فِڪرِ مدينه يعني پنهنجي عملن جو مُحَاسَبو ڪرڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  اسان جي بُزرگ سڳورن رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهمْ اَجْمَعِين  جوپنهنجن عملن جو مُحَاسَبو ڪرڻ جو انداز به ڪيترو پيارو هو۔ اچو! ان جي هڪ اِيمان اَفروز جَھلڪ مُلاحَظَه ڪيون ٿا، جيئن ته

سڄو ڏينهن فِڪرِ مدينه

منقول آهي ته حضرت سَيدُنا ابو ذَر رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْه  سڄو ڏينهن گھر جي هڪ ڪنڊ ۾ (آخِرت جي باري ۾) غور ۽ فِڪر ڪندا رهندا هئا۔ (احیاء علوم الدین، کتاب التفکر ،۵/۱۶۲) اچو! ترغيب طور فِڪرِ مدينه ڪرڻ جي هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو،

روزانه فڪرِ مدينه ڪرڻ جو اِنعام

هڪ اسلامي ڀاءُ جي تَحرير جو خُلاصو آهي ته انهن کي مَدَني اِنعامات سان پيار آهي ۽ روزانو فڪرِ مدينه ڪرڻ جو مَعمول به آهي۔ هڪ ڀيري هو عاشِقانِ رَسُول جي مَدَني قافِلي ۾ عاشِقانِ رَسُول سان گڏ صوبو بلوچستان ( پاڪستان) جي سفر تي هو۔ ان دَوران اُن تي ڪرم ٿيو۔ ائين ٿيو جو رات جو