Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

”تفسير صِراطُ الجِنان“ ۾ بيان ڪيل آيتِ ڪريمه تحت لکيل آهي ته ڪنهن پياري ۽ مَحبوب شيء جي ملڻ سان دِل کي جيڪا لَذَّت حاصِل ٿيندي آهي ان کي ’’فَرِحٌ‘‘ چوندا آهن ۽ آٓيت جي معنيٰ هي آهي ته اِيمان وارن کي الله عَزَّ وَجَلَّ جي فَضل ۽ رَحمت تي خوش ٿيڻ گھرجي جو ان انهن کي نصيحتون، سِينن جي شِفاء ۽ اِيمان سان دِل جي راحت ۽ سُڪون عطا فرمايو۔

الله تعالٰي جي فضل ۽ رحمت مان ڇا مراد آهي؟

۽ هن آيت ۾ الله تعالٰي جي فَضل ۽ ان جي رَحمت مان ڇا مُراد آهي؟ ان باري ۾ مُفَسِّرن جا مُختَلِف قول آهن، جيئن حضرت (سَيدُنا) عَبدُالله بِن عَبَّاسرَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْهما، حضرت (سَيدُنا) حَسَن ۽ حضرت (سَيدُنا) قَتَاده رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْهما جن فرمايو ته الله عَزَّ وَجَلَّ جي فَضل مان اِسلام ۽ ان جي رَحمت مان قُرآن مُراد آهي۔ هڪ قَول هي آهي ته الله عَزَّ وَجَلَّ جي فَضل مان قُرآن ۽ رَحمت مان حديثون مُراد آهن۔ جڏهن ته ڪجهه عالمن سڳورن فرمايو ته الله عَزَّ وَجَلَّ جو فَضل حُضور پُر نُور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن ۽ الله عَزَّوَجَلَّ  جي رَحمت قُرآنِ ڪريم۔ ربّ عَزَّ وَجَلَّ فرمائي ٿو:

وَ كَانَ فَضْلُ اللّٰهِ عَلَیْكَ عَظِیْمًا(۱۱۳) ۵،النسآء:۱۱۳)

ترجموڪنزالايمان:۽ الله جو توتي وڏو فضل آهي .

ڪن فرمايو: الله عَزَّ وَجَلَّ جو فَضل قُرآن آهي ۽ رَحمت حُضورِ اَقدَس صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن۔ جيئن ته الله عَزَّ وَجَلَّ  فرمائي ٿو:

وَ مَاۤ اَرْسَلْنٰكَ اِلَّا رَحْمَةً لِّلْعٰلَمِیْنَ(۱۰۷) ۱۷،الانبيآء:۱۰۷)

ترجموڪنزالايمان: ۽ اسان تو کي نه موڪليو پر رحمت سموري جهان جي واسطي.

۽ جيڪڏهن بِالفَرض هن ٓآيت ۾ مُتَعَيّن (خاص) طور تي فَضل ۽ رَحمت مان مُراد رحمت عالَم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُبارَڪ ذات نه به هجي ته عليحده طور تي به