Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

حضرت (سَيدُنا) عَبدُالله بِن عَبّاس رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْهما فرمائن ٿا: جڏهن رحمت عالَم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مديني پاڪ تشريف فرما ٿيا ته ڏٺائون ته غير مُسلِم عاشوري جي ڏينهن روزو رکن ٿا، اِرشاد فرمايائون: هي ڇا آهي؟ انهن عَرض ڪيو: هي بهتر ڏينهن آهي۔ ان ڏينهن الله تعالٰي بَنِي اِسرائيل کي انهن جي دُشمن کان نَجات ڏني هئي ته حضرت (سَيدُنا) مُوسيٰعَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام ان ڏينهن جو روزو رکيو هو۔ پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: توهان جي نِسبَت منهنجو حضرت مُوسيٰعَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام کان تَعَلُّق وڌيڪ آهي پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن عاشوري جو روزو رکيو ۽ ان ڏينهن روزو رکڻ جو حڪم فَرمايو۔(بخاري، ڪتاب الصوم،باب صيام يوم عاشوراء، ۱/۶۵۶، حديث:۲۰۰۴)(صراط الجنان،۳/۵۴بتغير قليل)

اهڙي طرح مُختَلِف رِوايتن ۾ جمعةُ المُبارَڪ ۽ يومِ عَرَفه کي به عِيد چيو ويو آهي جيئن ته

ٻه عِيدون

تِرمِذِي شريف ۾ آهي ته حضرت سَيدُنا عَبدُالله بِن عَبَّاس رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْهما هي آيتِ سڳوري تِلاوَت فرمائي:

اَلْیَوْمَ اَكْمَلْتُ لَكُمْ دِیْنَكُمْ وَ اَتْمَمْتُ عَلَیْكُمْ نِعْمَتِیْ وَ رَضِیْتُ لَكُمُ الْاِسْلَامَ دِیْنًاؕ- ۶،المآئدۃ:۳) ترجموڪنزالايمان:  اڄ مان توهان جي واسطي توهان جو دِين ڪامل ڪري ڇڏيو ۽ توهان تي پنهنجِي نعمت پُورِي ڪئِي ۽ توهان جي واسطي اِسلام کي دِين پسند ڪيو۔

هي آيت سڳوري ٻڌي پاڻ رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْه وٽ مَوجود هڪ غير مُسلِم چوڻ لڳو: جيڪڏهن اها آيت اسان تي نازِل ٿئي ها ته اسان ان جي نازِل ٿيڻ جي ڏينهن عِيد ملهايون ها۔ حضرت سَيدُنا عَبدُ الله اِبنِ عبَّاس رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْهما جن اِرشاد فرمايو: جنهن ڏينهن اها آيت مُبارَڪه نازِل ٿي ان ڏينهن ٻه عِيدون هيون: (1)