Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

حُورن ۽ غِلمان کي زِينَت سان سينگاري، ڪائنات کي خوشبوئن سان مُعَطَّر ڪري ڇڏ۔ اي مالِڪ (جَهنَّم جا داروغا)!جَهنَّم جا دروازا بند ڪري ڇڏ ڇوته اڄوڪي رات منهنجي قُدرَت جي خَزانن ۾ پوشيده نُور ۽ راز عَبدُالله کان جُدا ٿي آمِنه ڏانهن مُنـتَـقِل ٿيڻ وارو آهي ۽ جنهن گھڙي اهو نُور مُنـتَـقِل ٿيندو ته ان جي پيدائش مُڪمَّل ٿي ويندي ۽ اهو نُور ماڻهن اڳيان ڪامل اِنسانِ بڻجي ظاهر ٿيندو۔         (الروض الفائق،ص۲۴۲ملتقطاً)

ترے خُلق کو حق نے عظیم کہا، تِری خِلق کو حق نے جمیل کیا

کوئی تجھ سا ہُوا ہے نہ ہوگا، شہا تِرے خالِقِ حُسن و اَدا کی قسم

مختصر وضاحت: اي منهنجا رَحمت وارا آقا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! الله عَزَّ وَجَلَّ اوهان جي اَخلاقِ مُبارڪ کي عظيم (تمام بهتر) قَرار ڏنو آهي ۽ اوهان جي وِلادَتِ باسعادت هزارين سَعادَتون ۽ بَرَڪتون کڻي آٓئي، اهڙي نِرالي ۽ حَسِين ڪنهن جي پيدائش نه ٿي۔ منهنجا آٓقا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڀلا اوهان جھڙو ٻيو ڪير ٿي سگھي ٿو؟ ها ها! زمين ۽ آسمان جي پيدا ڪرڻ واري جو قسم آهي ”اوهان جھڙو ٻيو ڪوئي ناهي“                                          (شرحِ حدائقِ بخشش،ص۲۲۶)

هر چوپايو ڳالهائڻ لڳو!

نُورِ مُحَمَّدي پهرين رَجَبُ المُرَجَّب جُمعي جي رات مُنـتَـقِل ٿيو، جڏهن ته حضرت سَيدُنا اِمام وَاقِدِي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي نزديڪ اها جُمَادَي الاُخريٰ جي پندرهين رات هئي۔ ان رات هر گھر ۽ مَڪان ۾ نُور داخِل ٿي ويو۔ حضرت سيدُنا اِبنِ عَبّاس رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْهما فرمائن ٿا: ان رات قُرَيش جي هر چوپايي (فَصِيح زبان سان) ڪلام ڪندي چيو: رَسُولُ الله صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي والِده ماجِده جي شِڪمِ اَطهر ۾ جَلوَه فَرما ٿي چُڪا آهن، رَبّ ِڪعبه جو قسم! پاڻ ڪريم