Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

٭  وِلادتِ مُصطَفٰي جو جَشن،اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  هاڻ به سڄي دُنيا ۾ ڌُوم ڌام سان ملهايو ويندو آهي۔

٭  وِلادتِ مُصطَفٰي جو ڏينهن مُسلمانن جي لاءِ عِيد جو ڏينهن آهي۔

٭ وِلادتِ مُصطَفٰي جو جَشن ملهائڻ الله عَزَّوَجَلَّ  جي مَقبول ٻانهن جو طريقو آهي۔

٭  وِلادتِ مُصطَفٰي جو جَشن ملهائڻ الله عَزَّوَجَلَّ  جي عظيم نعمت جي شڪر گذاري آهي۔

الله تعالٰي وِلادتِ مُصطَفٰي جي صَدَقي اسان کي مَرڻ گھڙي تائين شَرِيعَت جي مُطابِق ڌُوم ڌام سان جَشنِ وِلادت جو ڌُومون مَچائڻ جي تَوفِيق نَصيب فرمائي۔اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو !بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سُنَّتیں عام کریں دِین کا ہم کام کریں                                 نیک ہوجائیں مُسَلمان مدینے والے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مسواڪ جون سنتون ۽ آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو ! شيخِ طريقت، اميرِ اهلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ