Book Name:Zikr ul Allah Ke 40 Faide
ترجمو: جيڪو بستر تي ليٽي ۽ الله جو ذڪر نه ڪري، ان جو اهو ليٽڻ بيڪار آهي.
وَمَا مَشَى اَحَدٌ مَمْشًى لَا يَذْكُرُ الله فِيهِ اِلَاّ كانَتْ عَلَيْهِ مَنَ الله ترَةٌ
ترجمو: ۽ جيڪو ڪنهن واٽ تي هلي پر الله کي ياد نه ڪري، ان جو اهو هلڻ به بيڪار آهي.[1]
الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو: ٻانهو ويهي، تڏهن به الله جو ذڪر ڪري، هلي تڏهن به ذڪر ڪري، اُٿي تڏهن به ذڪر ڪري، ليٽي تڏهن به ذڪر ڪري، بس هر حالت ۾ الله جو ذڪر ڪندو رهڻ ايمان واري جو شان آهي.
هڪ ڀيري سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون: اِنَّ شَرَائِعَ الْاِسْلَامِ قَدْ کَثُرَتْ عَلَیَّ يعني يارسولَ الله! بيشڪ اسلام جا احڪام مون تي گهڻا ٿي ويا آهن، ڪو اهڙو عمل ارشاد فرمايو: جنهن کي مان مضبوطيءَ سان پڪڙي وٺان. الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو:لَایَزَالُ لِسَانُکَ رَطْبًا مِّنْ ذِکْرِ اللّٰہِ عَزَّوَ جَلَّ يعني توهان جي زبان هميشه الله پاڪ جي ذڪر سان آلي رهي.[2]
مفسرِ قرآن حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: شايد سوال ڪندڙ (يعني سوال پڇڻ واري صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ) جو سوال نفلن بابت هو( يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم، نفلي عبادتون کوڙ آهن، انهن مان ڪا هڪ عبادت ٻڌايو جنهن کي مان مضبوطي