Book Name:Zikr ul Allah Ke 40 Faide
الله ڪرڻ وارا سموريون ڀلايون کڻي ويا...!! پياري آقا، اِمامُ الانبياء، معراج جي گهوٽ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجن فرمايو: اَجَل ها! (يعني اي ابوبڪر! ڳالھ ائين ئي آهي، جيڪو ذڪرُ الله جي ڪثرت ڪندو آهي، اهو سموريون ڀلايون ئي گڏ ڪري وٺندو آهي).[1]
مسلمانن جا ٻيان خليفه حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري رسولِ اڪرم نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن هڪ لشڪر جنگ جي لاءِ موڪليو، هاڻي اهي صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُمجنگ جي لاءِ ويا ۽ جلد ئي فتح حاصل ڪري گهڻو مالِ غنيمت کڻي واپس موٽي آيا.
انهن کي ڏسي ڪري هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ چوڻ لڳا: اسان هنن کان وڌيڪ تيز لشڪر ۽ افضل ڪا غنيمت ناهي ڏٺي. ان تي رسولِ رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ڇا مان توهان کي ان کان به افضل غنيمت ۽ جلد موٽڻ وارن بابت نه ٻڌايان؟ اها قوم جيڪا فجر جي نماز ۾ حاضر ٿئي، پوءِ اتي ئي ويهي ڪري الله پاڪ جو ذڪر ڪندا رهن، ايستائين جو سج اڀري وڃي، هي ماڻهو سڀ کان جلد موٽڻ وارا، افضل غنيمت وارا آهن.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! ذڪرُ الله جا ڪهڙا ڪهڙا فضائل آهن. ڪاش! اسان کي ذڪرُ الله جي ڪثرت ڪرڻ نصيب ٿي وڃي.
ڪتابن ۾ لکيل آهي: * ذڪرُ الله جي برڪت سان الله راضي ٿيندو آهي* ذڪرُ الله شيطان کي ڀڄائيندو، ان کان جان ڇڏائيندو آهي* ذڪرُ