Zikr ul Allah Ke 40 Faide

Book Name:Zikr ul Allah Ke 40 Faide

سان پڪڙي وٺان) ان تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن هي جواب ڏنو، مقصد هي آهي ته هر وقت زبان تي ڪو نه ڪو ذڪرُ الله جاري رهي. الله اهڙي زندگي نصيب ڪري.[1]

اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم. 

توهان منهنجو ذڪر ڪريو! مان توهان جو ڪندس

   سيپارو: 2، سورتِ بقره: 152 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

فَاذْكُرُوْنِیْۤ اَذْكُرْكُمْ

ترجموڪنزُالعرفان: پوءِ توهان مون کي ياد ڪريو، مان توهان کي ياد ڪندُس،

(سيپارو: 2، سوره بقرة: 152)

 تفسير نعيمي ۾ آهي: هن آيت جو خلاصو هي آهي ته: * اي انسانو! منهنجو ذڪر ڪيو، ان جو نتيجو هي هوندو ته جهان ۾ توهان جو چرچو ٿيندو * توهان مون کي اطاعت سان ياد ڪريو! مان توهان کي رحمت سان ياد ڪندس * توهان مون کي دعا سان ياد ڪريو! مان توهان کي عطا سان ياد ڪندس * توهان مون کي حمد و ثنا سان ياد ڪريو! مان توهان کي نعمت سان ياد ڪندس * توهان مون کي دنيا ۾ ياد ڪريو! مان توهان کي آخرت ۾ ياد ڪندس * توهان مون کي راحت ۾ ياد ڪريو! مان توهان کي مصيبتن ۽ بلائن ۾ ياد ڪندس * توهان مون کي مجاهدو (يعني نيڪين ۾ ڪوشش) سان ياد ڪريو! مان توهان کي هدايت سان ياد ڪندُس، اي انسانو! توهان چئو ”يا رَبّي (اي منهنجا ربَّ) مان چوندس: عَبۡدي (اي منهنجا ٻانها) * توهان


 

 



[1]...مرآۃ المناجیح، جلد:3، صفحہ:321۔