Book Name:Zikr ul Allah Ke 40 Faide
ترجمو ڪنزُ العرفان: اي ايمان وارؤ! ان تي درود ۽ خوب سلام موڪليو.
(سيپارو: 22، سورهءِ احزاب: 56)
پيارا آقا ڪثرت سان ذڪر ڪندا هئا
مسلمانن جي پياري امڙ سيده عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا فرمائين ٿيون: كَانَ النَّبِيُّ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم يَذْكُرُ اللهَ عَلَى كُلِّ أَحْيَانِهِ يعني پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هر حال ۾ ذڪرُ الله ڪندا هئا.[1]
سُبحان الله! ڪيڏو شان آهي. اٿندي ذڪر، ويهندي ذڪر، هلندي ذڪر، ايندي ذڪر، ويندي ذڪر، مطلب ته محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عادتِ ڪريمه هئي ته هر حال ۾ الله جو ذڪر ڪندا هئا.
ڪاش! اسان کي به اها سعادت نصيب ٿي وڃي، اسان به بس ذڪرُالله ڪندا ئي رهون، ڪندا ئي رهون...!!
ذڪرُ الله کان خالي گهڙيون بيڪار آهن
حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو:
مَنْ قَعَدَ مَقْعَدًا لَمْ يَذْكُرِ اللهَ فِيهِ كَانَتْ عَلَيْهِ مِنَ اللهِ تِرَةٌ
ترجمو: جيڪو ماڻهو ڪنهن هنڌ ويهي ۽ پنهنجي ان مجلس ۾ ذڪرُ الله نه ڪري، ان جو اهو ويهڻ بيڪار آهي.[2]
وَمَنِ اضْطَجَعَ مَضْجَعًا لَا يَذْكُرُ اللهَ فِيهِ كَانَتْ عَلَيْهِ مِنَ اللهِ تِرَةٌ