Zikr ul Allah Ke 40 Faide

Book Name:Zikr ul Allah Ke 40 Faide

    پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي پڄاڻي طرف آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگي جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاهه ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!            جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

گهر وارن تي خرچ ڪرڻ سنتِ مصطفيٰ آهي

   فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: (1): قيامت جي ڏينهن عملن جي پُڙَ (ميزان) تي سڀ کان پهريان ٻانهي جو پنهنجي گهر وارن تي خرچ ڪيل مال رکيو ويندو.[2] (2): جيڪو ثواب جي نيت سان پنهنجي گهر وارن تي خرچ ڪري، ته اهو ان لاءِ صدقو آهي.[3]

   اي عاشقانِ رسول! گهر وارن تي خرچ ڪرڻ سنتِ مصطفيٰ آهي. پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي گهر وارن تي خرچ فرمائيندا هئا. حديثِ پاڪ موجب، هجرت کان پوءِ هڪ وقت اهو به آيو جو رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي گهر وارن لاءِ سال ڀر جو اناج گڏ فرمائي ڇڏيندا هئا.[4]

  هن حديثِ پاڪ جي تحت مشهور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جيڪا شرح بيان ڪئي، ان جو خلاصو هي آهي ته: سرڪارِ عالي


 

 



[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔

[2]...معجم الاوسط،جلد:4، صفحہ: 329، حدیث: 6135۔

[3]...مسلم،کتا ب :الزکاۃ، صفحہ:502، حدیث:1002۔

[4]... احیاء العلوم، کتاب: توحید، جلد: 4، صفحہ:343۔