Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat

Book Name:Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat

هئي ته ڪنهن به صحابي (رَضِیَ اللهُ عَنْہُ) جي بيمار ٿيڻ جو اطلاع ملندو هو ته پاڻ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي عيادت لاءِ تشريف وٺي ويندا هئا * جيڪڏهن ڪو شخص 3 ڏينهن مسجد کان غائب رهندو هو ته پاڻ ان جي متعلق ماڻهن کان پڇا ڪندا هئا، جيڪڏهن اهو بيمار هوندو هو ته ان جي عيادت فرمائيندا هئا ([1]) * ۽ عيادت لاءِ جيڪڏهن مديني شريف جي آخري ڪناري تائين به وڃڻو پوندو هو ته تشريف وٺي ويندا هئا ۽ پنهنجي صحابه (رَضِیَ اللهُ عَنْہُم) جي عيادت فرمائيندا هئا. ([2]) * مشهور مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اخلاق مان آهي ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هر امير ۽ غريب جي گهر بيمار پُرسي لاءِ تشريف وٺي ويندا هئا. ([3]) * حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عادت سڳوري اها هئي ته جڏهن ڪنهن مريض جي عيادت لاءِ تشريف وٺي ويندا هئا ته هي فرمائيندا هئا: لَا بَاْسَ طَہُوْرٌ اِنْ شَاۤءَ اللہ (يعني: ڪا حرج جي ڳالھ نه آهي، الله پاڪ چاهيو ته هي مرض (گناهن) کان پاڪ ڪرڻ وارو آهي) هڪ اعرابي جي عيادت لاءِ تشريف وٺي ويا ته اهو ئي فرمايو: لَا بَاْسَ طَہُوْرٌ اِنْ شَاۤءَ اللہ. ([4])

عيادت ۽ تمام گهڻن روحاني علاجن جي متعلق وڌيڪ معلومات لاءِ امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جو رسالو بيمار عابد پڙهو.

مختلف سُنّتون سکڻ لاءِ مڪتبة المدينه جي بهارِ شريعت جلد:3 مان حِصّو 16 ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت مولانا الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جو 91 صفحن جو رسالو 550 سُنّتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو. سُنّتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سُنّتن ڀريو سفر به آهي.


 

 



[1]... مسند ابی یعلی،  جلد:3، صفحہ: 141، حدیث: 3429۔

[2]... مسلم،كتاب: جنائز، مریض کی عیادت کا باب ،صفحہ:331، حدیث:925خلاصۃً۔

[3]... مرآۃ المناجیح، جلد: 2، صفحہ:407۔

[4]... بُخاری،کتاب: المناقب، صفحہ:919، حدیث:3616 ۔