Nuqsan Uthane Walay Log

Book Name:Nuqsan Uthane Walay Log

الَّذِیْنَ یَنْقُضُوْنَ عَهْدَ اللّٰهِ مِنْۢ بَعْدِ مِیْثَاقِهٖ۪-

ترجموڪنزُالعرفان: اهي ماڻهو جيڪي الله جي واعدي کي پڪو ٿيڻ کان پوءِ ٽوڙي ڇڏين ٿا.

 (1): هي پهريون عيب آهي: الله پاڪ سان وعدو ڪري ٽوڙي ڇڏڻ. الله پاڪ جو وعدو ڇا آهي؟ ان کي ٽوڙڻ جو مطلب ڇا آهي؟ ان جي هڪ معنيٰ علماءِ ڪرامرَحْمَةُ اللهِ عَلَيْہم بيان فرمائي ته الله پاڪ جي وعدي مان مراد آهي: ان جا احڪام ۽ ان وعدي کي ٽوڙڻ جو مطلب آهي: الله پاڪ جي نافرماني ڪرڻ. ([1]) مثلاً الله پاڪ نماز پڙهڻ جو حڪم ڏنو آهي ته نماز نه پڙهڻ، الله پاڪ روزو رکڻ جو حڪم ڏنو آهي ته روزو نه رکڻ، اهڙيءَ طرح ٻيا جيترا به احڪام اسان کي ڏنا ويا، انهن کي ادا نه ڪرڻ، جيترين ڳالهين کان اسان کي منع ڪيو ويو، انهن کان نه رڪجڻ الله پاڪ سان ڪيل وعدي کي ٽوڙڻ آهي. وڌيڪ ارشاد ٿئي ٿو:

وَ یَقْطَعُوْنَ مَاۤ اَمَرَ اللّٰهُ بِهٖۤ اَنْ یُّوْصَلَ

ترجموڪنزُالعرفان: ان شيءِ کي ڪَٽن ٿا جنهن جي جوڙڻ جو الله حڪم ڏنو آهي.

 (2): هي ٻيو عيب آهي: هر اهو رشتو، هر اهو تعلق جنهن کي الله پاڪ جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي، ان کي ٽوڙي ڇڏڻ. ([2]) مثلاً اسان کي والدين سان رشتو نڀائڻ جو حڪم آهي، والدين سان تعلق ٽوڙڻ، ڀيڻ ڀائرن سان نيڪ سلوڪ جو حڪم آهي، انهن سان تعلق ٽوڙڻ، ٻيا عزيز رشتيدار مثلاً چاچو، پڦي، ماسي وغيره سان تعلق نڀائڻ جو حڪم آهي، انهن سان قطع رحمي ڪرڻ وغيره سڀ ان ۾ شامل آهن.


 

 



[1]...تفسیر طبری، پارہ:1، البقرۃ، زیرِ آیت:27، جلد:1، صفحہ:219 خلاصۃً۔

[2]... تفسیر طبری، پارہ:1، البقرۃ، زیرِ آیت:27، جلد:1، صفحہ:221-222 خلاصۃً۔