Share this link via
Personality Websites!
صَدَقَ اللہُ الْعَظِیْم وَ صَدَقَ رَسُوْلُہُ النَّبِیُّ الْکَرِیْم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سيپارو: 1، سورت بقره جي آيت: 27 ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي. ان کان اڳئين آيتِ ڪريمه ۾ ٻڌايو ويو هو ته قرآنِ ڪريم مان، قرآن ڪريم ۾ بيان ڪيل مثالن مان هر ڪو هدايت نٿو حاصل ڪري. ڪيترائي ماڻهو قرآني مثال پڙهي اُبتو گمراهي ۾ وڌي ويندا آهن. اهي ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي اهڙي بلند مرتبه ڪتابِ هدايت مان به هدايت نٿا وٺي سگهن؟ هن آيتِ ڪريمه ۾ اهڙن بدبخت ماڻهن جا 3 عيب بيان ڪيا وڃن پيا.
ان کان اڳ جو اسين آيتِ ڪريمه جي وضاحت ٻڌون، اسان کي هڪ ڳالهه ياد رکي ڇڏڻ گهرجي ته اهي 3 عيب معمولي نه آهن بلڪه اهڙا خطرناڪ عيب آهن جو جنهن ۾ اهي لڌا وڃن، (1): ته پهرين نمبر تي اهو ٻانهو قرآنِ ڪريم جهڙي ڪتابِ هدايت مان هدايت نٿو حاصل ڪري، ابتو گمراهي ۾ وڌي ويندو آهي ۽ (2): ٻئي نمبر تي اهڙو ماڻهو الله پاڪ جي رحمت کان محروم ۽ سخت نقصان کڻندڙ به آهي. ان ڪري قرآن ڪريم جي روشني ۾ اسان کي انهن 3 عيبن کي توجهه سان ٻڌڻو به آهي ۽ ساڳئي وقت اهو پڪو ارادو به ڪرڻو آهي ته اسين انهن 3 عيبن کان هميشه بچندا رهون. اچو! قرآني آيت ٻڌڻ ۽ ان کي سمجهڻ جي سعادت حاصل ڪريون:
الله پاڪ فرمايو:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami