Book Name:Nuqsan Uthane Walay Log
* اهڙي طرح ٽي وي چينلز، يوٽيوب، فيس بڪ، سوشل ميڊيا وغيره ذريعي گناهن کي پروموٽ ڪرڻ، انهن جي ترغيب ڏيارڻ، بي پردگي، طنز بازي، مذاق مشڪري، گانن باجن وغيره کي ماڊرن زماني جي ضرورت قرار ڏيڻ وغيره هي سڀ گناهن کي رواج ڏيڻ جون صورتون آهن جيڪي اسان وٽ عام ٿي ويون آهن.
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ لَا تُفْسِدُوْا فِی الْاَرْضِ بَعْدَ اِصْلَاحِهَا (سيپارو: 8، الاعراف: 56)
ترجموڪنزُ العرفان: ۽ زمين ۾ ان جي سڌاري کان بعد فساد پيدا نه ڪيو
يعني الله پاڪ رسول موڪليا، شريعت جا احڪام بيان ڪري ڇڏيا، نيڪ ڪمن جي دعوت ڏني وئي، گناهن کان منع ڪيو ويو، هاڻي گناهه ۽ سرڪشي ڪري، ٻين کي گناهن طرف سڏي زمين ۾ فساد نه پکيڙيو! ([1])
خادمِ مصطفيٰ، صحابيءِ رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بيشڪ ماڻهن ۾ ڪي اهي آهن جيڪي ڀلائي جون چاٻيون آهن ۽ برائي جو تالو آهن ۽ ڪي اهي ماڻهو آهن جيڪي برائي جون چاٻيون ۽ ڀلائي جو تالو آهن، بس خوشخبري آهي ان شخص لاءِ جنهن جي هٿ تي الله پاڪ ڀلائي جون چاٻيون رکيون آهن ۽ هلاڪت آهي ان شخص لاءِ جنهن جي هٿ تي الله پاڪ برائي جون چاٻيون رکيون آهن. ([2])