Book Name:Nuqsan Uthane Walay Log
(هي تمام اهم سوال آهي، اسان وٽ به ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن اهڙا سوال ڪندا آهن ته جڏهن الله پاڪ رحمان آهي، ماءُ کان وڌيڪ مهربان آهي ته پنهنجي ٻانهن کي عذاب ڇو فرمائيندو؟ هن سوال جو جواب ٻڌو!) جڏهن بني اسرائيل سوال ڪيو ته الله پاڪ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي طرف وحي موڪلي، فرمايو: اي موسيٰ! ٻني ٻارو ڪر! حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ٻني ٻارو ڪيو (مثلاً ڪڻڪ پوکي). الله پاڪ فرمايو: اي موسيٰ! هاڻي ان کي لُڻ! حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام لابارو ڪري ڇڏيو. هاڻي حڪم ٿيو: اَنُ ۽ بونھ الڳ الڳ ڪر! حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام هي حڪم به پورو ڪيو. هاڻي ارشاد ٿيو: اَنُ صاف ڪر! اَنُ صاف ڪيو ويو. هاڻي الله پاڪ فرمايو: اي موسيٰ! باقي ڇا رهجي ويو؟ عرض ڪيائون: خالي بُونھ رهجي ويو، جنهن ۾ ڪجهه به ڀلائي نه هئي. الله پاڪ فرمايو: اي موسيٰ! اهڙيءَ طرح مان به پنهنجي مخلوق مان صرف ان کي ئي عذاب ڏيندس جنهن ۾ ڪجهه به ڀلائي نه هوندي. ([1])
الله اڪبر! هي آهي خاسر ٻانهو، نقصان کڻندڙ ٻانهو، الله پاڪ جي رحمت کان محروم ٻانهو...!! ان جي حيثيت ڇا آهي؟ هي خالي بُونھ وانگر آهي، جنهن ۾ ڪا به ڀلائي ناهي. الله پاڪ اسان کي اهڙي خساري کان محفوظ رکي! 3 عيب آهن جيڪي انسان کي اهڙو بي وقعت بڻائي ڇڏيندا آهن:
پھريون عيب آھي: الله پاڪ جي نافرماني ڪرڻ، ان جيڪو ڪرڻ جو حڪم ڏنو، اھو نه ڪرڻ، جيڪو نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو، انھن ڪمن ۾ پئجي وڃڻ.