Nuqsan Uthane Walay Log

Book Name:Nuqsan Uthane Walay Log

۽ آينده گناهه ڪرڻ کان توبھ ڪريو! جنهن پنهنجي گناهن کان پڪي توبھ ڪئي ۽ اخلاص سان پنهنجي رب ڪريم جو عبادت گذار ٻانهو بڻجي ويو ته الله پاڪ ان کي ڪثير رزق ۽ وسعت عيش عطا فرمائيندو ۽ هو امن ۽ راحت واري زندگي گذاريندو، ان سان الله پاڪ راضي ٿيندو. ۽ جيڪو توبھ نه ڪري، ڪفر ۽ گناهن تي قائم رهي ته هو خوف واري زندگي گذاريندو، بيمارين ۾ مبتلا رهندو ۽ ان کي الله پاڪ جي ناراضگي به ڏسڻي پوندو، جيتوڻيڪ دنيا ۾ ان کي لذتون ملي به وڃن، تڏهن به ان عيش ۾ ڪا به ڀلائي ناهي جنهن کان پوءِ جهنم هجي. ([1])

گناہ بے عدد اور جُرم بھی ہیں لاتعداد                                        مُعاف کردے نہ سہ پاؤں گا  سزا یارب

میں کر کے توبہ پلٹ کر گناہ کرتا ہوں                                   حقیقی توبہ کا کر دے شَرَف عطا یارب([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

(2): قطع تعلقي خراب عيب آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! ٻيو عيب جيڪو انسان کي رحمت کان محروم ۽ بلڪل بي قدر بڻائي ڇڏيندو آهي، اهو آهي قطع تعلقي يعني رشتا ٽوڙڻ. اڄڪلھ ماڻهو ڳالهه ڳالهه تي تعلقات ٽوڙي ڇڏيندا آهن، فلاڻي پٽ جي شادي تي نه گهرايو، لهذا ان سان مرڻ جيئڻ ختم...!! فلاڻي گهر گهرائي خاطر خواه عزت نه ڏني، تنهنڪري اڄ کان ان سان اسان جو ڪو به تعلق ناهي، فلاڻي رشتيدار منهنجي دڪان جي بجاءِ ڀرسان واري دڪان تان سودو خريد ڪيو، تنهنڪري ان سان ڳالهه ٻولهه بند، بلڪل ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي مرڻ


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:11، سورۂ ھُوْد، زیرِ آیت:3، جلد:4، صفحہ:393۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:78۔