Book Name:Nuqsan Uthane Walay Log
الله! الله! غور فرمايو! صحابيءِ رسول آهن، ماڻهن جي وچ ۾ ويٺا آهن ۽ بيان ڇا پيا ڪن؟ رحمتِ دوجھان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون مبارڪ حديثون...!! اهڙي محفل تي به رحمتون نازل نه ٿينديون ته پوءِ ڪٿي نازل ٿينديون؟ پر حضرت ابوهريره رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کي خطرو ٿيو ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو هن محفل ۾ ڪو قاطع رحم (يعني رشتا ٽوڙيندڙ) هجي ۽ اسين ان جي سبب رحمت کان محروم ٿي وڃون...!!
هي آهي قاطعِ رحم (يعني رشتو ٽوڙيندڙ) جي نَحُوسَت...!! هتي غور فرمايو ته جنهن گهر ۾ قاطعِ رحم هجي، جنهن گهٽي، جنهن پاڙي ۾ رهندو هجي، ان گهر، ان گهٽي ۽ محلي تي رحمتون ڪيئن نازل ٿينديون...؟ ۽ جيڪو پاڻ قاطعِ رحم آهي ان جي دل ۾ رحمت ڀريو ڪلام قرآن ڪريم ڪيئن سمائجي سگهندو؟ ان ڪري اسان سڀني تي لازم آهي ته اسين قطع رحمي کان سچي پڪي توبھ ڪريون، ڪنهن رشتيدار سان ڪنهن به دنياوي سبب سان ناراضگي هلي رهي آهي ته اڄ ئي انهن جي گهر وڃي، نه ٿي سگهي ته فون ڪري يا ڪنهن به طرح انهن سان صلح جي ڪا صورت ڪڍي وٺون. صلح ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏي جيڪا رڪاوٽ آهي، اها اسان جي انا آهي. هن انا کي هڪ طرف رکي ڇڏيو! توهان جي غلطي ناهي، ڪا ڳالهه ناهي پوءِ به جهڪي وڃو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ثواب ملندو.
حق تي هوندي جھيڙو ڇڏڻ جي فضيلت
الله پاڪ جي آخري نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: جيڪو حق تي هوندي به جھيڙو ختم ڪري، مان ان لاءِ جنت جي ڪناري هڪ گهر جي ضمانت ڏيان ٿو. ([1])