Book Name:Nuqsan Uthane Walay Log
۽ ٽيون عيب آهي:
وَ یُفْسِدُوْنَ فِی الْاَرْضِؕ-
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ زمين ۾ فساد پکيڙين ٿا؟
زمين ۾ فساد پکيڙڻ جون مختلف صورتون آهن، مختصر اهو ته هر اهو عمل، هر اهو ڪم، ڪلام، حرڪت جيڪا اسان جي گهر ۾، گهٽيءَ ۾، محلي ۾، معاشري ۾ بگاڙ جو سبب بڻجي، اهڙا ڪم ڪرڻ زمين ۾ فساد پکيڙڻ ۾ شامل آهن. مثلاً * ڪو شخص اعلانيه گناھ ڪري ٿو، ان کي ڏسي ٻيا ماڻهو به ان جي نقل ڪن ٿا، هي به زمين ۾ فساد جي هڪ صورت آهي ته ان جي سبب سان ماڻهو گناهن جي طرف مائل ٿيا * اهڙي طرح اسلام جي خلاف ڳالهين جي تبليغ ڪرڻ * سوشل ميڊيا جي ذريعي، يوٽيوب، واٽس ايپ يا فيس بڪ وغيره جي ذريعي ماڻهن کي گناهن تي اڀارڻ * ذهنن ۾ فتور ڀرڻ * ماڻهن کي الله ۽ رسول جو نافرمان بڻائڻ * نبيَن، ولين جي بي ادبي تي اڀارڻ * قتل و غارت، ظلم و جبر وغيره ڪرڻ يا * ان جي ترغيب ڏيارڻ وغيره سڀ زمين ۾ فساد پکيڙڻ جون صورتون آهن.
هي ڪل 3 عيب ٿيا: (1): الله پاڪ جي نافرماني ڪرڻ (2): قطع رحمي ڪرڻ (يعني عزيز رشتيدارن سان تعلق ٽوڙڻ) (3): زمين ۾ فساد پکيڙڻ. جنهن ٻانهي ۾ هي 3 عيب هجن، ان جي هڪ سزا ته اها ٿي ته اهڙو بڇڙو شخص گمراهي ۾ پئجي وڃي ٿو ۽ ٻي سزا اها ته
اُولٰٓىٕكَ هُمُ الْخٰسِرُوْنَ(۲۷)
ترجمو ڪنزُ العرفان: سو اهي ئي ماڻهو نقصان کڻڻ وارا آهن.
خاسر جي لفظي معنيٰ آهي: نقصان کڻندڙ. اهو ٻانهو جيڪو پنهنجي عملن