Nuqsan Uthane Walay Log

Book Name:Nuqsan Uthane Walay Log

ياد رکو! الله ۽ رسول جي نافرماني ذلّت ۽ رسوائي جو سبب آھي، جيڪو ٻانهو الله پاڪ جون نافرمانيون ڪندو رھندو آھي، توبھ نه ڪندو آھي، الله پاڪ جي طرف رجوع نه ڪندو آھي، اھو الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ذليل و رسوا ٿي ويندو آھي ۽ بارگاھ الٰھي ۾ ان جي ڪا به عزت باقي ناهي رھندي ۽ جيڪو ٻانهو الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ذليل و رسوا ٿي وڃي، جنھن جي بارگاھِ الٰھي ۾ ڪا به عزت نه رھي، ان کي ڪٿي عزت ناهي ملندي. سيپارو: 17، سورت حج، آيت:18 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

وَ مَنْ یُّهِنِ اللّٰهُ فَمَا لَهٗ مِنْ مُّكْرِمٍؕ- (سيپارو: 17، الحج: 18)

ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ جنهن کي الله ذليل ڪري ته ان کي ڪو عزت ڏيڻ وارو نه آهي

تفسير صراطُ الجنان ۾ آھي: معلوم ٿيو ته عزّت و ناموَرِي ڪنھن قوم يا فرد جي ميراث ناهي ته ڪو ٻانهو چاھي ڪيئن به ڪارا ڪرتوت ڪندو وتي، پنھنجو اعمال نامو گناھن سان ڀري، ان جو ڪردار نافرمانين سان داغدار ھجي، ان جي باوجود اھو عزت سان ئي زندگي گذاريندو... نه! نه! ائين ناھي بلڪه جيڪو پنھنجي اخلاق و ڪردار سان، نيڪ عملن سان، خير خواھي ۽ ھمدردي سان پنھنجو پاڻ کي عزت جو حقدار ثابت ڪندو آھي، الله پاڪ ان کي عزت ڏيندو آھي ۽ جيڪو مسلسل نافرمانين ۾ مبتلا رھندو آھي، اھو ذلت جي گندي کڏ ۾ اڇلايو ويندو آھي. ([1])

جانور لعنت موڪلين ٿا....!!

 حضرت مجاهد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن ڏڪار شدت اختيار ڪري وٺندو آهي، برساتون رڪجي وينديون آهن ته جانور نافرمانن تي لعنت موڪليندا


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:17، سورۂ حج، زیرِآیت:18، جلد:6، صفحہ:418۔