Nuqsan Uthane Walay Log

Book Name:Nuqsan Uthane Walay Log

جي ڪري پنهنجو پاڻ کي الله پاڪ جي رحمت کان محروم ڪري وٺي، ان کي خاسر يعني نقصان کڻندڙ چوندا آهن. ([1]) هي تمام وڏي محرومي آهي. اوهين اندازو لڳايو! الله پاڪ رحمان آهي، رحيم آهي، ڪريم آهي، نهايت ئي مهربان آهي، حديثِ پاڪ جي مطابق الله پاڪ جون 100 رحمتون آهن، انهن مان صرف هڪ رحمت جو ظهور هن دنيا ۾ آهي. ماءُ پنهنجي ٻارن سان، پيءُ پنهنجي اولاد سان، ڀاءُ، ڀيڻ، عزيز رشتيدار پاڻ ۾ ايستائين جو ننڍڙي جهرڪي پنهنجي ننڍڙن ٻچن سان جيڪا محبت ڪري ٿي، اها الله پاڪ جي ان ئي هڪ رحمت جي سبب سان آهي ۽ روزِ قيامت الله پاڪ جي 100 جي 100 رحمتن جو ظهور ٿيندو. ([2]) ايتريون گهڻيون رحمتون هوندي به جيڪو ٻانهو الله پاڪ جي رحمت کان محروم ٿي وڃي، جهنم جو حقدار بڻجي وڃي، اهو ڪيترو نقصان کڻندڙ آهي.

جنهن کي الله پاڪ جي ئي رحمت نصيب نه ٿئي، ان کي ٻيو ڪٿي پناهه ملندي؟ اهو ڪيئن پنهنجو پاڻ کي دنيا جي ذلت ۽ آخرت جي عذاب کان بچائي سگهندو؟ ان ڪري جيڪو خاسر آهي، اهو تمام گهڻي نقصان ۾ آهي ۽ اهڙي شخص جي حيثيت ڇا هوندي آهي؟ ان بابت هڪ روايت ٻڌو!

ڀلائي کان خالي ماڻهو

 حضرت سعيد بن جبير رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ دفعو بني اسرائيل حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي عرض ڪيو: جڏهن الله پاڪ مخلوق کي پيدا فرمايو آهي ته پوءِ انهن کي عذاب ڇو ڏيندو؟


 

 



[1]...تفسیر طبری، پارہ:1، البقرۃ، زیرِ آیت:27، جلد:1، صفحہ:222۔

[2]...مسلم، کتاب التوبۃ، باب فی سعۃ  رحمۃ اللہ تعالیٰ...الخ، صفحہ:1056، حدیث:2752۔