Book Name:Nuqsan Uthane Walay Log
آهن ۽ چوندا آهن: هي ڏڪار انسان جي گناهن جي ڪري آهي. ([1])
الله اڪبر! اي عاشق رسول! غور فرمايو! ان کان وڌيڪ ذلت ڇا هوندي ته انسان اشرفُ المخلوقات آهي پر جڏهن هي گناهه ڪندو آهي، ان جون نافرمانيون حد کان وڌنديون آهن ته جانور جيڪي انسان کان ڪيترائي درجا گهٽ آهن، اهي به انسان کي برو ڀلو چوندا آهن. معلوم ٿيو: جيڪو نافرمان آهي، اهو پنهنجي فضيلت وڃائي ويهندو آهي ۽ انسانيت جي درجي کان ڪِري ذلت جي گندي کڏ ۾ وڃي پوندو آهي.
حضرت وھب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آھي، الله پاڪ بني اسرائيل جي نبين مان ڪنھن نبي عَلَيۡهِ السَّلَام جي طرف وحي فرمائي: ٻانهو جڏھن منھنجي اطاعت ڪندو آھي ته مان ان سان راضي ٿي ويندو آھيان ۽ جڏھن مان ان سان راضي ٿي ويندو آھيان ته ان کي برڪتون عطا فرمائيندو آھيان. جڏھن ٻانهو منھنجي نافرماني ڪندو آھي ته مان ان سان ناراض ٿي ويندو آھيان ۽ جڏھن مان ان سان ناراض ٿي ويندو آھيان ته ان تي لعنت وسائيندو آھيان ۽ منھنجي لعنت ان جي 7 نسلن تائين پھچندي آھي. ([2])
گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہوگی ہائے! میں نارِجَہنَّم میں جلوں گا یَارَبّ!
عَفو کر اور سدا کے لئے راضی ہوجا گر کرم کر دے تَو جنّت میں رہوں گا یَارَبّ! ([3])
اي عاشقِ رسول! الله پاڪ جو فضل آهي، اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪرم آهي ته الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم